آمريڪي ڪارروائي عالمي قانون جي لتاڙ، دهشتگردي آهي: روس، گڏيل قومن، ايران، ڪولمبيا ۽ ڪيوبا حملو رد ڪري ڇڏيو

آمريڪي ڪارروائي عالمي قانون جي لتاڙ، دهشتگردي آهي: روس، گڏيل قومن، ايران، ڪولمبيا ۽ ڪيوبا حملو رد ڪري ڇڏيو

نيويارڪ/ڪولمبيا/هاوانا(م ڊ) وينزويلا ۽ آمريڪا جي پاڙيسري ملڪن ڪولمبيا ۽ ڪيوبا، ايران، روس، گڏيل قومن وينزويلا تي آمريڪي حملن جي مذمت ڪئي آهي. ڪولمبيا جي صدر گستاوو پيٽرو پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪولمبيا جي حڪومت وينزويلا ۾ ٿيل ڌماڪن ۽ غير معمولي هوائي سرگرمين بابت گهري ڳڻتي جو اظهار ڪري ٿي، ۽ خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي ڳڻتي جو ڪارڻ سمجهي ٿي. هن چيو ته  ڪولمبيا جو موقف خطي ۾ امن قائم رکڻ تي ٻڌل آهي ۽ اسان فوري طور تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ جي اپيل ڪريون ٿا. سڀني ڌرين کان مطالبو آهي ته اهڙي قدم کان پاسو ڪرڻ گهرجي جيڪي تڪرار وڌائي سگهن ٿا ۽ ڳالهين ۽ سفارتي ذريعن کي ترجيح ڏني وڃي. حملن سبب گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو هنگامي اجلاس سڏايو وڃي. ٻئي پاسي ڪيوبا جي صدر ميگل ڊيازڪينل حملن جي مذمت ڪندي عالمي برادري کان فوري ردعمل جو مطالبو ڪيو. هن آمريڪا طرفان وينزويلا تي حملي کي ڏوهن تي ٻڌل حملو قرار ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته اسان جي امن زون کي نشانو بڻايو پيو وڃي، ۽ وينزويلا جي بهادر عوام خلاف رياستي دهشتگردي ڪئي پئي وڃي. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو ته وينزويلا تي آمريڪي فوجي حملو گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ۽ بين الاقوامي قانون جي واضح خلاف ورزي ۽ جارحيت آهي، خاص طور تي آرٽيڪل 4 ۽ 2 جي لتاڙ ڪئي وئي. هن آمريڪي حملي جي گڏيل قومن ۽ سڀني حڪومتن پاران کليل مذمت ڪرڻ گهرجي جيڪي بين الاقوامي امن ۽ سلامتي ۽ قانون جي حڪمراني بابت فڪرمند آهن. روس وينزويلا تي آمريڪي حملي جي مذمت ڪندي چيو ته هن قدم جو ڪو به قانوني بنياد ناهي ۽ اهو بين الاقوامي قانون جي واضح خلاف ورزي آهي. هڪ بيان ۾، لبناني حزب الله تحريڪ وينزويلا خلاف آمريڪي جارحيت ۽ ملڪ ۾ اهم، شهري تنصيبات ۽ رهائشي عمارتن کي نشانو بڻائڻ جي مذمت ڪئي، ان کي بين الاقوامي قانون جي سنگين ۽ بي مثال خلاف ورزي قرار ڏنو. يمن جي انصار الله تحريڪ هڪ بيان ۾ وينزويلا خلاف آمريڪي فوجي جارحيت جي مذمت ڪئي، ان کي آمريڪي ظلم ۽ ڏوهن جي سطح جو عڪس قرار ڏنو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن آمريڪي جارحيت هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته آمريڪا برائي جي جڙ ۽ دهشتگردي جي ماءُ آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس هن حملي جي مخالفت ڪندي چيو ته اهڙو ڪو قدم نه کنيو وڃي جنهن سان امن کي نقصان پهچي