آمريڪي ڪانگريس کي پاڪستان جي صورتحال تي ڳڻتي: ڪانگريس جي 66 ميمبرن پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن کي خط لکي ڇڏيو
مَي 18, 2023
واشنگٽن(مانيٽرنگ ڊيسڪ) آمريڪي ڪانگريس ميمبرن پاڪستان جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪري ڇڏي آهي، 66 ميمبرن پرڏيهي وزير انتوني بلنڪن کي خط اماڻي ڇڏيو آهي
پرڏيهي ميڊيا موجب پاڪستان جي موجودا سياسي صورتحال تي آمريڪي تنظيم پاڪ پيڪ پاران ڪانگريس ميمبرن کي آگاهي ڏني وئي جنهن بعد 66 ميمبرن پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن کي خط لکيو آهي
ڪانگريس ميمبرن پاڪستان جي سياسي صورتحال، سياسي اڳواڻن جي گرفتارين ۽ فوتگين تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته تشدد ۽ سياسي ڇڪتاڻ پاڪستان ۾ سيڪيورٽي جي بگڙجندڙ صورتحال کي جنم ڏئي سگهي ٿي
خط ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهي وزير انٽوني بلڪن پاڪستان ۾ جمهوري ادارن جي زوال کي روڪڻ لاءِ پنهنجا سفارتي ذريعا استعمال ڪري ڇاڪاڻ ته پاڪستان ۾ جمهوريت جي حمايت آمريڪا جي قومي مفاد ۾ آهي
ڪانگريس ميمبرن چيو آهي ته پاڪستاني حڪومت تي جمهوريت، اظهار جي آزادي ۽ انساني حقن لاءِ دٻاءُ وڏو وڃي، پاڪستان ۾ جمهوري قدرن ۽ انساني حقن جو احترام يقيني بڻائڻ لاءِ سفارتي اختيارن کي استعمال ڪيو وڃي
خط ۾ چيو ويو آهي ته احتجاج ڪندڙ پنهنجا مطالبا پرامن نموني ۽ تشدد بنا آزاداني طريقي سان مڃرائين جڏهن ته ميڙاڪن پاران خلاف ورزين جي پڻ جاچ ڪرائي وڃي