آمريڪي ڪمپني فاطمه ڀٽو جو اڪائونٽ معطل ڪري ڇڏيو
نومبر 9, 2023
آمريڪا جي وڊيو ڪميونيڪيشن ڪمپني زُوم فاطمه ڀٽو جو اڪائونٽ معطل ڪري ڇڏيو
فاطمه ڀٽو چيو آهي ته مون کي ڪو به نوٽيس يا اطلاع ڏيڻ کانسواءِ اڪائونٽ ڇو معطل ڪيو ويو آهي؟
فاطمه ڀٽو سوال ڪيو ته ڇا مون کي غزه جي صورتحال تي تعليمي سيشن ڪرڻ جي سزا ڏني وئي آهي؟
فاطمه ڀٽو چيو ته غزه جي صورتحال تي مون 3 تعليمي ويهڪون ڪيون آهن، لڳي ٿو ته زوم پاران مون کي ان جي سزا ڏني وئي آهي