آمريڪي ڳائڻي ريلين طلاق لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي 

آمريڪي ڳائڻي ريلين طلاق لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي 

لاس اينجلس(ڪلچرل ڊيسڪ) آمريڪي ڳائڻي 32سالن جي ريلين پنهنجي مڙس جوش ڊيوس کان عليحدگي اختيار ڪندي، شادي جي لڳ ڀڳ هڪ ڏهاڪي کانپوءِ طلاق جي درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي. اهڙي خبر جي تصديق ڳائڻي پاڻ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ذريعي ڪئي. ريلين پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن لاءِ اهڙو فيصلو آسان نه هو. هن چاهيندڙن ۽ ميڊيا کي درخواست ڪئي ته اهي سندس ذاتي معاملن تي غير ضروري تبصرن کان پاسو ڪن، ميڊيا رپورٽن مطابق ريلين عدالت ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ ناپائدار اختلافن کي عليحدگي جو بنيادي سبب قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽن موجب ريلين ۽ جوش ڊيوس کي چار سالن جي ڌيءَ پڻ آهي.جوش ڊيوس ماضي ۾ آمريڪي فوج ۾ رهي چڪو آهي، بعد ۾ هو مالي معاملن جي صلاحڪار طور خدمتون سرانجام ڏيندو رهيو. جوڙي 2016 ۾ شادي ڪئي هئي