آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ ايراني شهيدن جو انگ 3000 کان وڌي ويو: لاشن جي سڃاڻپ ۾ ڏکيائي

آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ ايراني شهيدن جو انگ 3000 کان وڌي ويو: لاشن جي سڃاڻپ ۾ ڏکيائي

تهران (م ڊ) ايران ۾ اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ شهادتن جو انگ 3000 کان وڌي ويو . ايران جي فرانزڪ ميڊيسن آرگنائيزيشن جي سربراهه عباس مسجدي آراني چيو آهي ته آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ ايران ۾ مارجي ويلن جو انگ 3 هزار کان وڌي ويو آهي. هن ايراني ميڊيا اداري ميزان آن لائن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ٻڌايو ته لڳ ڀڳ 40 سيڪڙو لاشن جي شروعاتي طور تي سڃاڻپ ممڪن ناهي ٿي سگهي. عباس مسجدي آراني موجب، فرانزڪ ٽيمن جو عدليه سان گڏجي متاثرن جي نشاندهي ۽ ٻين ڪارروائين تي ڪم جاري آهي.