آمر مشرف جي موت سزا بحال، اپيل رد: ايمرجنسي لڳائيندڙن خلاف عدالت جا در کليل آهن: سپريم ڪورٽ
جنوري 11, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف جي سزا خلاف اپيل خارج ڪندي خصوصي عدالت جو موت جي سزا وارو فيصلو برقرار رکي ڇڏيو. اڳوڻي صدر پرويز مشرف متعلق ڪيسز جي ٻڌڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ چار رڪني بينچ ڪئي. جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس اطهر من الله بينچ ۾ شامل هئا. درخواستگذار جي وڪيل حامد خان پنهنجا دليل ڏيندي چيو ته پرويز مشرف سزا خلاف اپيل داخل ڪئي جيڪا ڪرمنل اپيل آهي. اسان جي درخواست لاهور هاءِ ڪورٽ جي سزا ڪالعدم ڪرڻ جي خلاف آهي جيڪو آئيني معامرو آهي. ٻنهي اپيلن کي الڳ الڳ ڪري ٻڌو وڃي. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته موجودا ڪيس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جو دائري اختيار ۽ اپيل ٻه الڳ الڳ معاملا آهن پهريان پرويز مشرف جي وڪيل سلمان صفدر کي ٻڌي وٺون ٿا. ٻڌڻي دوران وفاقي حڪومت پرويز مشرف جي سزا خلاف اپيل جي مخالفت ڪئي. جنهن تي چيف جسٽس ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان پرويز مشرف جي اپيل جي مخالفت ڪري رهيا آهيون يا حمايت؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل ٻڌايو ته پرويز مشرف جي اپيل جي مخالفت ڪري رهيو آهيان. پرويز مشرف جي وڪيل سلمان صفدر خصوصي عدالت جي سزا خلاف اپيل تي دليل ڏيڻ شروعا ڪيا ته چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته پرويز مشرف جي وارثن جي غيرموجودگيءَ ۾ ته ان جي وڪيل کي نٿا ٻڌي سگهون. مفروضن جي بنياد تي فيصلو نه ٿيڻ گهرجي. وارثن جي حق لاءِ ڪو دروازو بند ڪرڻ نٿا چاهيون. وڪيل سلمان صفدر چيو ته پرويز مشرف جا وارث پاڪستان ۾ نٿا رهن. 5 فيبروري 2023 تي پرويز مشرف لاڏاڻو ڪري ويو آهي. پرويز مشرف جي گهرواري کي اپيل جي ٻڌڻي لاءِ ڪافي پيغام موڪليا آهن پر ڪو جواب ناهي مليو. چيف جسٽس وڪيل سلمان صفدر سان مخطاب ٿيندي چيو ته ڇا اوهان لاهور هاءِ ڪورٽ تي خدشن جو اظهار ڪيو آهي؟ جنهن تي سلمان صفدر چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ مشرف ٽرائل واري جج آڏو سپريم ڪورٽ ۾ به پيش ناهيان ٿيندو. هن ڀيري مان اوهان جي چيمبر ۾ ڪجهه گذارشون ضرور ڪندس. چيف جسٽس چيو ته اسان ڪنهن کي چيمبر ۾ ناهيون گهرائيندا. جسٽس اطهر من الله چيو ته آرٽيڪل 12 تحت مشرف سان گڏ ملوث سمورن ماڻهن خلاف عدالتي دروازا ته کليل آهن. جنهن تي وڪيل سلمان صفدر چيو ته ايمرجنسي لڳائڻ ۾ پرويز مشرف اڪيلو ملوث نه هيو. ان وقت جي وزير اعظم، وزيرقانون، پارليامينٽ ۽ سپريم ڪورٽ جا جج به ملوث هئا. هڪ شخص کي پوري ملڪ جي ٿيل قدم جو ذميوار ڪري سزا ڏني وئي. جسٽس اطهر من الله چيو ته جيڪڏهن 1999 جي ايمرجنسي جي جاچ ٿئي ها ته 3 نومبر جو قدم نه کنيو وڃي ها. سپريم ڪورٽ سمورن ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد خصوي عدالت جو پرويز مشرف جي خلاف موت واري سزا فيصلو عدم پيروي سبب برقرار رکندي چيو آهي ته پرويز مشرف جي وارثن ڪافي ڀيرا نوٽيس تي به ڪيس جي پيروي ناهي ڪئي پرويز مشرف جي اپيل کي رد ڪريون ٿا. عدالت چيو آهي ته خصوصي عدالت پرويز مشرف کي 17 ڊسمبر 2019 تي سزا ٻڌائي. پرويز مشرف سپريم ڪورٽ۾ اپيل نمبر 785 داخل ڪئي. پرويز مشرف پاران 16 جنوري 2020 تي اپيل داخل ٿي. سلمان صفدر ٻڌايو ته پرويز مشرف 5 فيبروري 2023 تي لاڏاڻو ڪري ويو آهي. اهي پيل 10 نومبر 2023 ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر ٿي. عدالت مشرف جي قانوني وارثن کي پاڪستان ۽ ٻاهرين ملڪ موجود ايڊريس تي نوٽيس اماڻيا. سپريم ڪورٽ اخبارن ۾ به نوٽيس شايع ڪرايو. خصوصي عدالت پرويز مشرف کي 3 نومبر 2007 جي قدمن تي موت جي سزا ٻڌائي هئي. لاهور هاءِ ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ خصوصي عدالت جي قيام کي غيرقانوني قرار ڏئي سزا ختم ڪري ڇڏي هئي. خصوصي عدالت جي قيام کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جو فيصلو لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس مظاهر نقوي لکيو هيو. واضع رهي ته ٻڌڻي تي چيف جسس آف پاڪستان رمارڪس ڏنا هئا ته لاهور هاءِ ڪورٽ پرويز مشرف کي سنگين غداري ڪيس ۾ اهو رليف ڏنو جيڪو گهريو ئي ناهي ويو. جڏهن ته 21 نومبر تي ٿيندڙ ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ جي جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏنا هئا ته منهنجي ذاتي راءِ ۾ پرويز مشرف جي سزا وارو فيصلو موجود آهي معطل ناهي ٿيو.