برسلز ( پنهنجي ڊيسڪ )نئين پاڪستاني سفير آمنه بلوچ برسلز ۾ پاڪستان جي سفارتخاني ۾ پنهنجون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن
سندس مقرري ڊاڪٽر اسد مجيدکي پرڏيهي سيڪريٽري بڻائڻ کانپوءِ ٿي آهي. ان مقرري کان اڳ آمنه بلوچ ملائيشيا ۾ پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر طور خدمتون سرانجام ڏئي رهي هئي
تاريخ ۾ ماسٽرز جي ڊگري رکندڙ آمنه بلوچ 1991ع ۾ فارن سروس ۾ شموليت اختيار ڪئي ڪيترن ئي ملڪن ۾ ذميواريون نڀائيندي حڪومت جي اعليٰ ترين گريڊ پي اي 22 تائين پهتي
کيس دنيا جي ٻئي وڏي اقتصادي ۽ 27 ملڪن جي سنگل مارڪيٽ رکندڙ يورپي يونين ۽ ان جي اهم ملڪ بيلجيم سان تعلقات ۾ اضافي لاءِ سفير مقرر ڪيو ويو