| آندري رسل آءِ پي ايل مان رٽائر، شاهه رخ جي شاندار ڀيٽا |
ممبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ پي ايل جي ٽيم ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز جي مالڪ ۽ بالي ووڊ اسٽار شاهه رخ خان آءِ پي ايل مان آندري رسل جي رٽائرمينٽ تي کيس ٽيم جي تاريخ جو ناقابل فراموش حصو قرار ڏنو آهي. رسل 2026ع کان ڪي ڪي آر جي ‘پاور ڪوچ’ جي حيثيت سان هڪ نئون ڪردار ادا ڪندو، جڏهن ته سندس ڪيريئر ٻين بين الاقوامي ٽي 20 ليگن ۾ جاري رهندو. شاهه رخ خان چيو ته رسل صرف هڪ رانديگر نه پر هڪ “چمڪندڙ آرمر ۾ نائيٽ” آهي جنهن سالن کان ٽيم جي بي مثال خدمت ڪئي آهي. شاهه رخ لکيو ته اهو سوچڻ عجيب آهي ته رسل ڪڏهن به پرپل ۽ گولڊ کان سواءِ ڪا به جرسي پائيندو ڇو ته سندس سڃاڻپ هاڻي مڪمل طور تي ڪي ڪي آر سان ڳنڍيل آهي. هن اهو به واضح ڪيو ته رسل جو نئون سفر صرف ڪردار جي تبديلي آهي، تعلق ساڳيو رهندو. هن پيار سان کيس “زندگيءَ لاءِ مسل رسل” سڏيو.