| آن لائن جوئا ايپ: ٽڪ ٽاڪر اقرا ۽ اريب بابت فيصلو محفوظ |
لاهور (ڪلچرل ڊيسڪ) لاهور جي سيشن ڪورٽ آن لائين جوئا ايپ جي پروموشن واري ڪيس ۾ ٽڪ ٽاڪر اقرا ڪنول ۽ اريب جي عبوري ضمانت واري درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو،ايڊيشنل سيشن جج نصرت صديقي عبوري ضمانت جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.انهي دوران اقرا ڪنول ۽ سندس مڙس اريب پيش ٿيا عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ جوابدارن جي عبوري ضمانتن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. واضح رهي ته اين سي سي آءِ اي ٽڪ ٽاڪر اقرا ڪنول ۽ اريب خلاف ڪيس داخل ڪيو هو