آن لائين ڪاروبار تي به ٽيڪس لاڳو
جُون 11, 2025
اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب پنهنجي بجيٽ تقرير ۾ چيو هو ته اي ڪامرس پليٽ فارمن تي استعمال ٿيندڙ شين تي ٽيڪس لڳايا ويندا. ڊجيٽل طور تي آرڊر ڪيل سامان ۽ خدمتن تي پڻ ٽيڪس لاڳو ڪيو ويندو.
هن چيو ته اي ڪامرس تي ڪاروبار ڪندڙ ماڻهن کي مهيني ٽرانزيڪشن ڊيٽا ۽ ٽيڪس رپورٽون جمع ڪرائڻيون پونديون.
ناڻي واري وزير چيو ته وياج جي آمدني تي ٽيڪس جي شرح 5 سيڪڙو وڌائي 15 کان 20 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي. هي فيصلو قومي بچت جي اسڪيمن تي نه پر غير فعال طور تي ڪمايل آمدني تي لاڳو ٿيندو.
ان کان علاوه قرض مان حاصل ٿيندڙ آمدني تي 25 سيڪڙو ٽيڪس تجويز ڪيو ويو آهي، جڏهن ته حصص تي ڪمايل منافعي تي ٽيڪس جي شرح ۾ ڪا به تبديلي نه ڪئي وئي آهي.
واضح رهي ته وفاقي حڪومت 2025-26 جي بجيٽ ۾ آن لائن خريداري تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي.