آوي باگڙي جو مذهب مٽائي پرڻو

جُون 21, 2025

نيو سعيدآباد (پنهنجي ڊيسڪ) نيوسعيدآباد ويجھو ڳوٺ خان محمد سولنگي واسڻ باگڙي برادري سان تعلق رکندڙ آوي باگڙي مدرسا عربيه الله والي مسجد نواب شاهه ۾  مذھب مٽائي دين ساڳي ڳوٺ ۾ رھندڙ روشن علي سولنگي سان پرڻو ڪري ورتو

معلوم ٿيو آھي ته گذريل ڏينھن صبح 7 بجي گھر کان پاڙي مان کير وٺڻ لاءِ نڪتل ٻ معصوم نينگريون  پراسرار نموني گم ٿي ويون وارثن پاران سخت ڳولا باوجود سندن پتو پئجي نه سگھيو ھو جنھن بعد ڀاڳچند باگڙي پنھنجي ڌي 12 ورهين آوي باگڙي ۽ 3 ورهين پوٽي مايا باگڙي  جي پراسرار گمشدگي جي رپورٽ نور ڪيٽي ٿاڻي تي داخل ڪرائي ھئي، جنھن ۾ اغوا جو شڪ ظاھر ڪيو ھو ۽ صحافين آڏو  دانھون ڪندي چيو ھو ته مھنجي معصوم نينگري ۽ معصوم پوٽي 3 ورهين مايا باگڙي کي بازياب ڪرايو وڃي.

نور ڪيٽي پوليس جو چوڻ آھي ته گم ڄاڻايل نينگري آوي باگڙي نوابشاهه ۾ مذھب مٽائي ڪورٽ ۾ پرڻو ڪري ورتو آھي، باقي ھڪ گم ڄاڻايل نينگري مايا باگڙي جو پتو نه پئجي سگھيو آھي سندس ڳولا ۽ جاچ جاري آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • مٺياڻي ۾ پسند پرڻي تان هڪ قتل، 2 ڄڻا زخمي

  • ٿر ۾ روهيڙي جي واڍي جاري

  • جهڏو: نينگر سان بدفعلي، گهرو وزير نوٽيس ورتو

  • ناري سان وڏي عرصي تائين اجتماعي لڄالٽ