| آيت الله خامنائي ۽ ميناب جي ٻارن جو چاليهو: لکين ماڻهن جو مارچ |
تهران (م ڊ) ايراني شهيد سپريم ليڊر آيت الله خامنائي ۽ ميناب جي ٻارن جي چاليهي جي موقعي تي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ لکين ماڻهو ٻاهر نڪري آيا، ايران جي سوين شهرن ۽ ضلعن ۾ به جلوس ڪڍيا ويا، لکين ماڻهو جمهوري اسڪوائر کان مارچ ڪري شهيد آيت الله خامنائي جي شهادت واري هنڌ پهتا، سوڳ وارو ماحول رهيو، شهيدن جي ياد ۾ نعرا پڻ هنيا ويا. وطن سان وفا جو وچن ورجايو ويو، ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنائي کي 28 فيبروري تي شهيد ڪيو ويو هو، ساڻس گڏ ٻيا ڪمانڊرز به شهيد ٿيا هئا، اهڙي ريت ميناب ۾ اسڪول مٿان آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۾ ٻارن سوڌو 170 ڄڻا شهيد ٿيا هئا. چاليهي جي موقعي تي آءِ آر جي سي چيو آهي ته آيت الله خامنائي شهادت اسلامي انقلاب ۽ اسلامي جمهوريه جي واڌاري ۾ سندس حياتي جي موجودگي جيتري ئي اثرائتي آهي.