آپريشن بنيان مرصوص ڪاميابي سان ختم ڪرڻ جو اعلان: اڳرائي ٿي ته فيصلائتو جواب ڏينداسين: پاڪ فوج

مَي 13, 2025

راولپنڊي(م ڊ) پاڪ فوج آپريشن بنيان مرصوص ڪاميابي سان ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، آءِ ايس پي آر جي پڌرائي ۾ چيو ويو ته پاڪ فوج ڀارت خلاف 22 اپريل کان 10 مئي تائين ٿيندڙ معرڪي کي معرڪه حق جو نالو ڏنو آهي، 10 مئي تي پاڪستاني فوج ڀارت خلاف آپريشن بنيان مرصوص ڪاميابي سان مڪمل ڪيو، آءِ ايس پي آر موجب 6 ۽ 7 مئي جي رات کان جاري بزدلاڻي جارحيت جي جواب ۾ معرڪه حق آپريشن شروع ڪيو ويو، ڀارتي فوج عورتن، ٻارن ۽ بزرگن سوڌو بيگناهه ۽ معصوم شهرين کي شهيد ڪيو، آءِ ايس پي آر پاران چيو ويو ته پاڪستان ان ظلم جو بدلو وٺڻ جو واعدو ڪيو، الحمدالله قوم سان ڪيل واعدو پورو ڪيو، الله جو شڪر ادا ڪريون ٿا جنهن فيصلائي ڪارروائي جي توفيق ڏني، شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا، جنگ ۾ حصو وٺندڙ جوانن، آفيسرن، پائليٽس جا ٿورائتا آهيون جن جي جرئت، مهارت، قرباني سان ميدان جنگ ۾ ڪاميابي ممڪن ٿي، آءِ ايس پي آر موجب پاڪستان پاران ڏنل ردعمل گڏيل عسڪري هم آهنگي، جديد جنگي شعور، نيٽ ورڪ بيسڊ ۽ وار فيئر ۽ ملٽي ڊومين آپريشنز جو اعليٰ مثال هو، بري، بحري ۽ فضائي، سائبر محاذن تي مڪمل هم آهنگي سان 26 کان وڌيڪ دشمن جي اڏن کي نشانو بڻايو، سرسا، ڀڄ، ناليا، آدمپور، پٺاڻ ڪوٽ، سرينگر، اڌم پور، ڄمون ۾ فضائي ۽ عسڪري اڏن کي نشانو بڻايو، 10 برگيڊ، 80 برگيڊ، راجوري، نوشهره جا هيڊڪوارٽر تباهه ڪيا، راجوري ۽ نوشهره ۾ دهشتگردن جا تربيتي مرڪز به تباهه ڪيا، ايل او سي تي دشمن جي پوسٽن، توپن کي نشانو بڻايو، هنن اڇا جهنڊا ڦڙڪائي جنگبندي جي اپيل ڪئي، ڀارتي ڊرونز پاڪستان هوائي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن ۾ جواب ۾ پاڪستاني فوج پنهنجي هٿياربند ڊرونز کي دهلي سميت ڀارت جي وڏن شهرن تائين پهچائي پيغام ڏنو ته اسان انهن جي ڊرونز کان وڌيڪ طاقت رکون ٿا، سائبر محاذ تي اهم ڀارتي عسڪري نيٽ ورڪ ۽ بنيادي ڍانچي کي وقتي طور مفلوج ڪيو ويو، سمورا حملا صرف انهن ٺڪاڻن تي ڪيا ويا، جيڪي دهشتگردي يا معصوم پاڪستانين جي قتل ۾ ملوث هئا، پڌرائي ۾ چيو ويو ته معرڪه حق قومي قوتن جي هم آهنگي ۽ قوم جي اڻٽٽ عزم جو عظيم مثال بڻجي ويو، جنهن ملڪ جي خودمختياري ۽ سالميت جو دفاع يقيني بڻايو، پاڪ فوج ترجمان هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو ته ڪوئي به ان غلط فهمي ۾ نه رهي هو پاڪستان جي خودمختياري کي چئلينج ڪندو، جيڪڏهن ايئن ڪيو ته فيصلائتو جواب ڏينداسين.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ڪراچي: نينگر سان بدفعلي، مک جوابدار گرفتار

  • ڪراچي ۾ فائرنگ، عورت قتل

  • پنو عاقل : حادثي دوران زخمي نينگري ايمبولنس نه ملڻ تي فوت

  • لاڙڪاڻو: نينگر رائيس ڪئنال ۾ ٻڏي فوت