آپريشن رجيم ۾ سعودي عرب جو ڪو به ڪردار نه هو : عمران خان

اپريل 18, 2024

راولپنڊي (پنهنجي ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻن موجب پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو آهي ته آپريشن رجيم ۾ سعودي عرب جو ڪو ڪردار ناهي

عمران خان سان اڊيالا جيل ۾ اڳواڻن ملاقات ڪئي، جنهن کانپوءِ صاحبزادا حامد رضا چيو ته اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان سياسي مشاورت ٿي، شبلي فراز سينيٽ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ هوندو، سندس نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا ويندا

هن ٻڌايو ته سعودي عرب طرفان آيل بيان بابت پي ٽي آءِ باني چيو ته اهڙي ڪا ڳالهه نه آهي، هن چيو آهي ته آپريشن رجيم ۾ سعودي عرب جو ڪو به ڪردار ناهي

 سندس چوڻ هو ته 6 جماعتي اجلاس 29 اپريل تي ٿيندو، جڏهن ته جلسن ۽ جلوسن جي شروعات پنجاب کان ڪنداسين

 پي ٽي آءِ اڳواڻ حسن رئوف چيو ته اسان کٽي چڪا آهيون ۽ دشمن هارائي چڪو آهي، هي آخري مرحلو آهي، تمام جلد عمران خان آزاد ٿي ٻاهر ايندو ۽ ملڪ جو وزيراعظم بڻجندو

Leave A Comment