| آپريشن سنڌور ٽريلر، موقعو مليو ته پاڪستان کي سبق سيکارينداسين: ڀارتي آرمي چيف |
نئين دهلي(م ڊ) ڀارت جي چيف آف آرمي اسٽاف جنرل اپيندر دويدي چوي ٿو ته آپريشن سنڌور صرف هڪ ٽريلر هو جيڪو 88 ڪلاڪن ۾ ختم ٿي ويو. جڏهن چانڪيا ڊفينس ڊائلاگ دوران آپريشن سنڌور 1.0 جي نتيجن بابت پڇيو ويو ته هن چيو ته، “1.0 کي ڏسو، مان اهو چوڻ چاهيندس ته فلم اڃا شروع ئي نه ٿي هئي، صرف هڪ ٽريلر ڏيکاريو ويو هو ۽ اهو ٽريلر 88 ڪلاڪن ۾ ختم ٿي ويو. هن چيو ته اسان مڪمل طور تي تيار آهيون ته اڳتي ڇا ٿيندو. هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان وري اهڙو موقعو ڏئي ٿو ته اسان ان کي سيکارڻ چاهينداسين ته هڪ ذميوار ملڪ کي پنهنجي پاڙيسرين سان ڪيئن سلوڪ ڪرڻ گهرجي.