آپريشن عزم استحڪام لاءِ 20 ارب رپيا منظور، هڪ لک ميٽرڪ ٽن کنڊ برآمد جي اجازت
آگسٽ 23, 2024
اسلام آباد(م ڊ) اقتصادي رابطا ڪاميٽي آپريشن عزم استحڪام لاءِ 20 ارب رپين جي منظوري ڏيندي هڪ لک ميٽرڪ ٽن کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، رپورٽ موجب ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا. جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو ته اقتصادي رابطا ڪميٽي ريڪوڊڪ منصوبي جي سيڪيورٽي چارجز جي مد ۾ هڪ ارب 95 ڪروڙ رپين جي منظوري ڏني وئي، رقم ايف سي بلوچستان کي ڏني ويندي. ڪميٽي اپريشن عزم استحڪام لاءِ 20 ارب رپين جي خاص گرانٽ سان گڏوگڏ ايف سي هيڊ ڪوارٽر نارٿ لاءِ 27 ڪروڙ 62 لک رپين جي ضمني گرانٽ جي به منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته رڳو ڪمند جي آبادگارن کي بقايائون ادا ڪندڙ ملون ئي کنڊ برآمد ڪري سگهنديون، کنڊ جي 145 رپيا في ڪلو ريٽيل پرائس برقرار رکڻ وارو شرط به ختم ڪيو ويو. جنهن کانپوءِ ملڪ اندر کنڊ جي قيمت ۾ اضافي جو خدشو وڌي ويو آهي.