| آپريشن عضب للحق ۾ مارجي ويل افغان طالبان جو انگ 641، چوڪيون ڇڏي ڀڄي ويا |
اسلام آباد (م ڊ) افغان طالبان ۽ فتنه الخوارج خلاف پاڪ فوج جو افغانستان ۾ آپريشن غضب لِلحق جاري آهي، زوب ۾ دهشتگرد چيڪ پوسٽون ڇڏي ڀڄي ويا، آپريشن ۾ هينئر تائين مارجي ويلن جو انگ 641 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 855 زخمي ۽ 243 چيڪ پوسٽون تباهه ٿي چڪيون آهن. سيڪيورٽي ذريعن موجب پاڪ فوج پاڪ-افغان سرحد وٽ زوب سيڪٽر ۾ افغان طالبان جي پوسٽ نمبر 2 ۽ 3 کي نشانو بڻايو. افغان طالبان پوسٽون ۽ هٿيار ڇڏي فرار ٿي ويا. پاڪ فوج افغان طالبان جي قبضي هيٺ پوزيشنن مان روسي ساخت جا 73 ملي ميٽر HGL-9 هيوي گرينيڊ لانچرز قبضي ۾ وٺي ڇڏيا. آپريشن بابت سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ تفصيل جاري ڪندي چيو ته ڪالهه شام 4 وڳي تائين مارجي ويل دهشتگردن جو انگ 641 آهي، جڏهن ته 855 کان وڌيڪ زخمي آهن. هن چيو ته آپريشن دوران هينئر تائين 243 چيڪ پوسٽون تباهه ٿي چڪيون آهن، 42 پوسٽون قبضي ۾ وٺي تباهه ڪيون ويون، 219 ٽينڪون، بڪتر بند گاڏيون ۽ توپون تباهه ٿي چڪيون آهن، جڏهن ته افغانستان ۾ 65 دهشتگردن جي ٿاڪن ۽ مددگار هنڌن کي هوائي ڪارروائين ۾ اثرائتي نموني نشانو بڻايو ويو آهي.