آپريشن غصب للحق بند: ڀارت طالبان کي ڊرون ڏنا، ڪابل ۾ هٿيارن جو ڊپو هدف هو، عام شهري فوت ناهن ٿيا: پاڪ فوج

آپريشن غصب للحق بند: ڀارت طالبان کي ڊرون ڏنا، ڪابل ۾ هٿيارن جو ڊپو هدف هو، عام شهري فوت ناهن ٿيا: پاڪ فوج

اسلام آباد (م ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته ڪابل ۾ افغان طالبان جو گولا بارود، هٿيار ۽ ڊرون جهازن جو ڊپو هدف هو. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته گولا بارود ڦاٽڻ سبب جيڪي ڌماڪا ٿيا، اُهي سڄي شهر ڏٺا. سندس چوڻ هو ته شهرين جي مارجڻ بابت پروپئگينڊا غلط آهي، طالبان جا گهڻي ڀاڱي ويڙهاڪ وردي بدران سويلين ڊريس ۾ هوندا آهن. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب، طالبان منشيات جي عادين کي آپگهاتي حملن لاءِ به استعمال ڪن ٿا. هن چيو ته پاڪستان خلاف استعمال ٿيندڙ ڊرون افغان طالبان کي ڀارت فراهم ڪري رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي افغان عوام سان ڪا جنگ ناهي، عوام دهشتگردن وٽ يرغمال بڻيل آهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر  چيو ته اسان کي افغان شهرين سان ڪو مسئلو ناهي، جنگ ختم ڪرڻ جو واحد طريقو اهو يقيني بڻائڻ آهي ته افغان سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال نه ٿئي. هن چيو ته افغان طالبان سان سڌو سنئون دوست ملڪن ذريعي ڳالهيون ڪيون ويون، جنهن ۾ صرف هڪ ضمانت گهري وئي ته افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان جي عوام، حڪومت ۽ هٿياربند فوج فيصلو ڪيو آهي ته اسان هر قيمت تي دهشتگردي ختم ڪنداسين، هاڻي افغان طالبان کي سوچڻ گهرجي ته انهن کي ٽي ٽي پي کي بچائڻو آهي يا افغانستان کي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڪابل ۾ هڪ فوجي ۽ ڊرون اسٽوريج بيس کي نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته افغان طالبان ۽ ٻين پاران ان حوالي سان ڪيل دعوائون بي بنياد آهن ڇاڪاڻ ته اسان وٽ ان جا ثبوت آهن. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته افغان طالبان منشيات جي عادين کي گڏ ڪيو آهي ۽ انهن کي دهشتگردي خلاف استعمال ڪري رهيا آهن. شهري آبادي تي حملي بابت هڪ سوال جي جواب ۾، هن چيو ته اڌ کان وڌيڪ خوارج ۽ طالبان عام لباس ۾ آهن، جنهن ڪري شيون ٺاهيل آهن. هن چيو ته اسان افغانستان ۾ 81 هوائي حملا ڪيا، انهن جي اهم تنصيبات ۽ انفراسٽرڪچر کي نقصان پهچايو. هڪ ڀيرو اهو يقين ڏياريو وڃي ته افغان سرزمين پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيندي ۽ جيڪڏهن اهو ڪيو وڃي ته پوءِ آپريشن غضب الحق کي روڪي سگهجي ٿو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته سرحد بند ٿيڻ سبب ڪجهه ماڻهو پريشان آهن، پر ان ذريعي سمگلنگ به بند ٿي وئي آهي، جڏهن ته آپريشن غضب الحق جي ڪري پاڪستان ۾ دهشتگرد واقعا پڻ گهٽجي رهيا آهن. پاڪ فوج جي ترجمان وڌيڪ چيو ته آپريشن غدب الحق صرف دهشتگردن خلاف آهي ۽ ٽي ٽي پي سميت خوارج جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو پيو وڃي. افغانستان کي دهشتگردن جو مرڪز بڻايو ويو پر پاڪستان اهو دروازو دٻائي بند ڪري ڇڏيو.
 

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) حڪومت آپريشن غضبُ للحق ۾ عارضي وقفو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.  سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير عطاء تارڙ چيو آهي ته سعودي عرب، قطر ۽ ترڪيه سوڌو اسلامي ملڪن عارضي طور ڪارروائيون روڪڻ جي درخواست ڪئي هئي، برادر اسلامي ملڪن جي درخواست ۽ عيد الفطر جي احترام ۾ آپريشن غصب للحق تحت افعانستان ۾ جاري ڪارروائيون عارضي طور روڪيون ويون آهن. هن چيو ته 18 کان 24 مارچ 2026 تائين آپريشن ۾ وقفو هوندو. هن چيو ته هي قدم اسلامي اقدار ۽ خير سگالي جي نظر ۾ ورتو ويو آهي. واضح ڪيو ويو آهي ته ڪنهن به سرحد پار حملي جي صورت ۾ آپريشن فوري طور تي بحال ڪيو ويندو. ڊرون حملو يا ڪنهن دهشتگردي واري واقعي تي ڪارروائي ٻيهر شروع ڪئي ويندي. ٻئي طرف سيڪيورٽي ذرائع جو چوڻ آهي ته آپريشن غضبُ الحق کي مستقبل ۾ ٻيهر شدت سان شروع ڪيو ويندو. 18 ۽ 19 مارچ جي رات کان وٺي 23 ۽ 24 مارچ تائين وقفو نافذ العمل رهندو، جنهن سان عيد جي موقع تي امن قائم رکڻ ۾ مدد ملندي.