| آپريشن غصب للحق ۾ 796 افغان طالبان مارجي چڪا |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) آپريشن غضب للحق ۾ هن وقت تائين افغان طالبان جا 796 ويڙهاڪ مارجي ويا آهن. 1043 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آهن. آپريشن جي نتيجي ۾ 286 چوڪيون تباهه، 44 چوڪين کي قبضي ۾ ورتي ويو. 249 ٽينڪ، بڪتر بند گاڏيون، توپون ۽ ڊرونز کي تباهه ڪيو ويو. پڌرائي مطابق افغانستان ۾ 81 دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي نموني نشانو بڻايو ويو. انهن ڪاررواين دوران، 2 ۽ 3 اپريل جي رات غلام خان سيڪٽر ۾ سرحدي چوڪي تي افغان طالبان، فتنه الخوارج پاران حملي جي ڪوشش کي مڪمل طور ناڪام بڻايو ويو، جنهن ۾ انهن کي ڳرو جاني نقصان برداشت ڪرڻو پيو، جنهن ۾ 37 طالبان مارجي ويا ۽ 80 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.