آپريشن مڪمل: جعفر ايڪسپريس تي حملو ڪندڙ سمورا 33 دهشتگرد مارجي ويا، يرغمالي بازياب، 21 مسافر ۽ 4 جوان شهيد
مارچ 13, 2025
راولپنڊي / اسلام آباد / ڪوئيٽا (م ڊ) آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چيو آهي ته جعفرايڪسپريس جا يرغمالي مسافر بازياب ۽ سمورا 33 دهشتگرد ماريا ويا. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف جو چوڻ هو ته بولان ۾ 11 مارچ تي دهشتگردن ريلوي ٽريڪ کي نشانو بڻائي جعفر ايڪسپريس کي روڪيو، ريلوي عملدار ٻڌايو ته ٽرين ۾ 440 ماڻهو سوار هئا. هن وڌيڪ چيو ته اهو علائقو انتهائي ڏکيو هو، دهشتگردن يرغمالين کي انساني ڍال طور استعمال ڪيو جنهن ۾ ٻار ۽ عورتون به شامل هيون. بازيابي وارو آپريشن فوري طور شروع ڪيو ويو جنهن ۾ آرمي، ايئرفورس، فرنٽيئر ڪور ۽ ايس ايس جي جوانن حصو ورتو، مرحليوار يرغمالين کي آزاد ڪرايو ويو. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو وڌيڪ چوڻ هو ته شام جو ڪليئرنس آپريشن ۾ سمورن يرغمالين کي بازياب ڪرايو ويو، سڀ کان پهرين فورسز جي نشاني بازن خودڪش بمبارن کي ماريو پوءِ مرحليوار بوگي ٽو بوگي ڪليئرنس ڪئي وئي اتي موجود سمورن 33 دهشتگرن کي جهنم موڪليو ويو. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف موجب ڪليئرنس آپريشن دوران ڪنهن به مسافر کي نقصان نه پهتو پر آپريشن کان اڳ دهشتگردن جي بربريت ۾ 21 مسافر شهيد ٿيا، جڏهن ته ايف سي جا 4 جوان پڻ شهيد ٿيا، جن مان ٽن ايف سي جي جوانن کي ويجهي پڪٽ تي دهشتگردن ڪليئرنس آپريشن کان اڳ شهيد ڪيو هو ۽ هڪ جوان ڪالهه آپريشن دوران شهيد ٿيا. هن چيو ته علائقي ۽ ٽرين جي ڪليئرنس ايس او پيز موجب بم ڊسپوزل اسڪواڊ ڪيو جيڪي مسافر آپريشن دوران هيڏانهن هوڏانهن علائقن ڏانهن ڀڳا انهن کي به هٿ ڪيو ويو. پاڪ فوج جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪنهن کي اجازت نه ڏينداسين ته هو شهرين کي روڊن يا ٽرينن تي نشانو بڻائين، دهشتگردن مسافرن کي ٽولن ۾ ويهاريو هو ۽ وچ ۾ آپگهاتي بمبار ويٺل هئا، خودڪش بمبارن کي سڪيورٽي فورسز جي نشاني بازن ماريو. جيئن ئي واقعو ٿيو ڪجهه منٽن اندر هندستاني ميڊيا گمراهه ڪندڙ رپورٽنگ شروع ڪئي پراڻيون تصويرون وڊيوز ۽ اي آءِ وڊيوز هندستاني ميڊيا تي نشر ڪيون ويون. اهي دهشتگردن ۽ ان جي آقائن جو ڳٺ جوڙ ظاهر ڪن ٿا، اهڙي موقعي تي ڪجهه مخصوص سياسي عنصر ملڪ ۾ وڌي چڙهي ڪري سوشل ميڊيا کي ايڪٽو ڪري وٺن ٿا. ڊي آءِ ايس پي آر موجب افسوس ٿيندو آهي ڪجهه عنصر اقتدار جي هواس ۾ قومي مفادن کي نقصان رسائي رهيا آهن. عوام کي هاڻي ان انتشاري سياست جي پويان ڳجها هٿ سمجهه ۾ اچي رهيا آهن.