آپگهات يا قتل ؟ حيدرآباد ۾ ڊاڪٽر جي زال جو گهر مان لاش هٿ

آگسٽ 2, 2023

حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي بلديا واري علائقي الخير سوسائٽي ۾ گهر مان ڊاڪٽر جي زال جو لاش هٿ آيو آهي، اطلاع تي بلديا پوليس پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو

پوليس موجب فوتي عورت جي سڃاڻپ مسمات شاهين زال ڊاڪٽر احمد علي طور ٿي آهي، فوتي عورت جي مٿي تي زخمن جا نشان آهي معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي

پوليس جو چوڻ آهي ته ڄاڻايل عورت جو مڙس سينٽرل جيل ۾ ڊاڪٽر آهي جنهن سان ڳالهه ٻولهه  ٿي ان ٻڌايو ته سندس زال مبينا آپگهات ڪيو آهي،  صبح جو گهر واري ٻارن کي تيار ڪري اسڪول اماڻيو جنهن بعد به هو ڊيوٽي تي هليو ويو فون تي رابطي جي ڪوشش ڪئي پر نه ٿي سگهيو

Leave A Comment