آڊيوز ڪٿي ۽ ڪير رڪارڊ پيو ڪري؟ ججز تي الزام هڻي بينچ کان ڌار ٿيڻ جو نٿو چئي سگهجي: چيف جسٽس

جُون 6, 2023

اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪميشن کي ڪم ڪرڻ کان روڪڻ جي اسٽي آرڊر کي برقرار رکي ڇڏيو، ڪميشن خلاف بئنچ تبديلي جي حڪومتي درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو،

سپريم ڪورٽ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني لارجر بئنچ پاران آڊيو  ليڪس ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، عدالت رمارڪس ڏنا آهن ته ايگزيڪيوٽو سپريم ڪورٽ جي اختيارن ۾ مداخلت نه ڪري، چيف جسٽس يا جج تي الزام هڻي انهن جا اختيار گهٽ نٿا ڪري سگهجن، الزام هڻي بينچ کان الڳ ٿيڻ جو نٿو چئي سگهجي، انڪوائري ڪميشن ٺهڻ کان اڳ اسان سان پڇيو ئي نه ويو

چيف جسٽس اٽارني جنرل سان مخاطب ٿيندي آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف ڪيس ٻڌندڙ بينچ تي وفاق جي اعتراضن تي چيو ته ڪيئن مفروضن تي ڳالهه ڪري سگهو ٿا ته ڪيس ۾ چيف جسٽس سميت ٻن ججز جو مفاد سلهاڙيل آهي

جسٽس منيب اختر چيو ته پريس ڪانفرنس ۾ ڪجهه آڊيوز هلايو به ويون، ايگزيڪيوٽو اختيارن جي تقسيم ۾ مداخلت ڪئي هاڻي حڪومت اچي چئي رهي آهي ته ججز ڪيس نه ٻڌن

اٽارني جنرل چيو ته آئون ڪابينا جي موقف جو دفاع ڪندس ڪنهن انفرادي وزير جو نه، حڪومت چاهي پئي ته ڪميشن آڊيوز جي سموري جاچ ڪري

چيف جسٽس آڊيو ليڪس ڪندڙ ٽوئيٽر اڪائونٽ بابت اٽارني جنرل کان پڇاڻو ڪيو ته انڊي بيل ٽوئيٽر هينڊل جو پتو ڪرايو اهو ملڪ يا ٻاهرين ملڪ کان آپريٽ ٿي رهيو آهي؟ جسٽس منيب اختر چيو ته ڪوئي به انڊي بيل هيڪر کي چئي ججز خلاف ڪوڙيون خبرون هلرائي سگهي ٿو

اٽارني جنرل آگاهه ڪيو ته ليڪ آڊيوز ۾ هڪ چيف جسٽس جي سس بابت آهي جنهن تي جسٽس منيب اختر پڇا ڪئي ته ڇا اوهان جو هن وقت ڪيس هي آهي، ڇا آڊيوز بادي النظر ۾ درست آهن؟ اٽارني جنرل جواب ڏنو ته وفاقي حڪومت ان معاملي تي اڃا رڳو ڪميشن جوڙي آهي

چيف جسٽس چيو ته اوهان مون کانسواءِ ٻين ٻن ججز تي به اعتراض ڪيو آهي ڇا اوهان چاهيو ٿا ته واري واري سان سڀني تي اعتراض ڪيو وڃي؟ اٽارني جنرل چيو ته جيڪڏهن سمورن ججز تي سوال اٿي ته پوءِ به چئي سگهجي ٿو ته ڪيس هاڻي ڪنهن کي ته ٻڌڻو آهي درخواست آهي ته بينچ تي اعتراض بابت دليلن تي غور ڪيو وڃي

جسٽس منيب چيو ته آڊيو درست هجڻ يا نه هجڻ جي تصديق ڪرڻ کان اڳ ئي پبلڪ ڪري پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، جاچ کانسواءِ ڇا پريس ڪانفرنسز ڪرڻ گهرجن ها، وزيراعظم کي اچي چوڻ گهرجي ها ته وزيرن جي پريس ڪانفرنس سان تعلق ناهي، قانون موجب ڇا بنا حقيقت ڄاڻڻ جي حڪومتي عهديدار جج تي الزام هڻي سگهن ٿا، وزير جيڪڏهن پنهنجي مرضي سان ڳالهه ڪري ته اهو ڪابينا جو بيان تصوير ٿيندو؟ اٽارني جنرل چيو ته ڪنهن وزير جي پريس ڪانفرنس کي ڪابينا جو فيصلو يا بيان نٿو چئي سگهجي

جسٽس منيب چيو ته اهو ڏسڻو پوندو ته وزيرن جا بيان 9مئي واقعي کان اڳ جا آهن يا بعد جا؟ وزير پريس ڪانفرنس ۾ سڀ چئي چڪا آهن پوءِ درخواست جي ڪهڙي حيثيت رهجي ٿي، آڊيوز جي تصديق بنا پريس ڪانفرنس ڪندڙ وزير کي استعيفا ڏيڻ گهرجي

اٽارني جنرل ٻڌايو ته 9مئي جي واقعي بعد حڪومت انڪوائري ڪميشن جوڙي، چيف جسٽس چيو ته ڪيترو منفرد خوبصورت انصاف آهي ته وڏي عدالت جي ججز تي الزام لڳايو وڃي، ڇا انصاف ڏيندڙن تي ايئن الزام لڳائڻ انصاف آهي؟ پريس ڪانفرنس ڪري ججز تي الزام هنيا ويا، سوال اهو آهي ته هي آڊيوز ڪنهن پلانٽ ڪيون آهن؟ حڪومت پتو لڳايو آهي ته آڊيوز رڪارڊ ڪٿان کان ۽ ڪيئن ٿي رهيون آهن؟ اهو سڀ ڪجهه ڪير ڪري رهيو آهي؟

Leave A Comment