اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرو وزير رانا ثناءُالله چيو آهي ته آڊيو ليڪس بابت جوڙيل ڪميشن اهو به ڏسندي ته آڊيو ٽيپ ڪير ڪري رهيو آهي ۽ آڊيو ليڪ ڪير ڪري رهيو آهي
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته آڊيو ليڪ ۾ جيڪو ڪجهه چيو پيو وڃي اهو ڏوهه آهي ۽ رياست خلاف آهي
هن چيو ته ڪميشن مڪمل طور آزاد هوندي کيس سموريون سهولتون ڏنيون وينديون