آڙيڪاپ جاسوس شرلاڪ هومز اغوا؟ “اينولا هومز 3”  نوان ڌماڪا ڪري ڇڏيا

آڙيڪاپ جاسوس شرلاڪ هومز اغوا؟ “اينولا هومز 3”  نوان ڌماڪا ڪري ڇڏيا

لاس اينجلس (ڪلچرل ڊيسڪ) نيٽ فليڪس جي مقبول جاسوسي فلم سيريز “اينولا هومز” جو ٽيون حصو ’اينولا هومز 3‘ رليز ٿي ويو، جنهن ۾ نامياري اداڪاره ملي بوبي برائون هڪ ڀيرو ٻيهر ذهين نوجوان جاسوس اينولا هومز جي ڪردار ۾ آئي آهي. هن ڀيري ڪهاڻي اڳ کان وڌيڪ جذباتي، پراسرار ۽ سنسني خيز موڙ وٺي ٿي، جتي اينولا کي نه صرف پنهنجي ذاتي زندگي پر پنهنجي خاندان سان جڙيل هڪ وڏي بحران جو به مقابلو ڪرڻو پوي ٿو. فلم ۾ لوئس پارٽرڄ وري لارج ٽيوڪس بري ۽ هينري ڪيول وري مشهور جاسوس شرلاڪ هومز جي روپ ۾ اچي رهيا آهن. نئين ڪهاڻي برطانيه مان نڪري مالٽا تائين وڃي پهچي ٿي، جتي رومانس، خانداني ڇڪتاڻ ۽ هڪ منجهيل ڳجهو معمو گڏجي اڳتي وڌن ٿا. فلم جي شروعات اينولا ۽ لارج ٽيوڪس بري جي شاديءَ جي تيارين سان ٿئي ٿي. ٻئي مالٽا ۾ شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ وارا هوندا آهن، ان وقت شرلاڪ هومز جي پراسرار اغوا جي خبر سڀ ڪجهه بدلائي ڇڏي ٿي. اينولا کي پنهنجي شادي ملتوي ڪري پنهنجي ڪيريئر جي سڀ کان اهم ۽ ذاتي نوعيت جي ڪيس جي جاچ شروع ڪرڻي پوي ٿي. انهي فلم ۾ اينولا اڳ کان وڌيڪ پراميد ۽ پراعتماد نظر اچي ٿي ڇاڪاڻ ته هوءَ گذريل ٻن فلمن ۾ ڪيترائي منجهيل معما حل ڪري چڪي آهي پر هاڻي کيس هڪ ٻئي وڏي سوال جو مقابلو آهي ته ڇا شاديءَ کانپوءِ هوءَ پنهنجي آزاد ۽ خودمختيار سڃاڻپ برقرار رکي سگهندي يا نه؟ ملي بوبي برائون فلم بابت ڳالهائيندي چيو ته اينولا جي ڪهاڻي اڃا ختم ناهي ٿي،  انهي ڪردار ۾ واپسي سندس لاءِ هميشه هڪ خوشگوار تجربو هوندي آهي. سندس چوڻ هو ته هن ’اسٽرينجر ٿنگس‘ ۾ به هڪ ڪردار کي ڪيترن ئي سالن تائين نڀايو، انهي ڪري پراڻن ڪردارن ۾ ٻيهر جان وجهڻ کيس فطري ۽ دلچسپ لڳندو آهي. اداڪاره موجب اينولا هڪ مضبوط ۽ مهم جو ڪردار آهي پر سندس خاميون ئي کيس حقيقت جي ويجهو ۽ نوجوان ڏسندڙن لاءِ متاثر ڪندڙ بڻائين ٿيون. فلمن جي سفر ۾ اينولا هڪ ننڍي عمر ۽ نظرانداز ڪيل ڇوڪريءَ مان هڪ باصلاحيت جاسوس بڻجي چڪي آهي، جيڪا پنهنجي مشهور ڀاءُ جي پاڇي مان نڪري پنهنجي الڳ سڃاڻپ قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي. ٻئي طرف لوئس پارٽرڄ ٻڌايو ته سندس ڪردار لارج ٽيوڪس بري ۾ به نمايان تبديلي آئي آهي. هاڻي هو هائوس آف لارڊز جو هڪ بااثر ميمبر آهي، جيڪو نه صرف معاشري ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ چاهي ٿو پر اينولا سان گڏ نئين زندگي شروع ڪرڻ لاءِ به پرعزم آهي. جيتوڻيڪ فلم جي شروعات شاديءَ جي خوشين سان ٿئي ٿي پر شرلاڪ هومز جي گمشدگي پوري ڪهاڻيءَ جو رخ بدلائي ڇڏي ٿي. هن ڀيري لارج ٽيوڪس بري به اينولا سان گڏ جاچ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪري ٿو، جنهن سان ٻنهي جي ڀائيواري وڌيڪ مضبوط ٿيندي نظر اچي ٿي. هينري ڪيول جي شرلاڪ هومز طور واپسي به فلم جي اهم ڪشش آهي پر هن ڀيري ڪهاڻيءَ جو مرڪز پاڻ اينولا آهي، جنهن کي پنهنجي ڀاءُ کي ڳوهڻ لاءِ پنهنجي سموري ذهانت، تجربي ۽ صلاحيتن تي ڀروسو ڪرڻو پوي ٿو. فلم ۾ جاسوسي، تاريخي پسمنظر، خانداني رشتن، خودمختاري ۽ ذاتي سڃاڻپ جهڙن موضوعن کي هڪ سان گڏ پيش ڪيو ويو آهي. هن ڀيري لنڊن سان گڏوگڏ مالٽا جا خوبصورت ماڳ به ڪهاڻيءَ جو حصو آهن، جيڪي فلم کي هڪ نئون انداز ڏين ٿا. واضح رهي ته ’اينولا هومز‘ نيٽ فليڪس جي ڪامياب ترين فلمي سيريز ۾ شمار ٿئي ٿي. نقادن هن سيريز کي آرٿر ڪونن ڊوئل جي تخليق ڪيل شرلاڪ هومز جي دنيا کي جديد انداز ۾ پيش ڪرڻ ۽ ملي بوبي برائون جي شاندار اداڪاريءَ جي ڪري بيحد ساراهيو آهي. نئين فلم مان به اها اميد ڪئي پئي وڃي ته هيءَ پنهنجي گذريل ٻنهي قسطن وانگر ڏسندڙن کي ڀرپور تفريح، دلچسپ معما ۽ شاندار ڪردارن جي بدولت هڪ يادگار تجربو فراهم ڪندي.