| آڪاش انصاري جا بئنڪ ۾ چار ڪروڙ 42 لک پيل: بيواهه وارثي سرٽيفڪيٽ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي |
حيدرآباد(رپورٽ: فيض کوسو) نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي گهرواري حليمه انصاري سندس مڙس جي بئنڪ ۾ پيل رقم بابت وارثي سرٽيفڪيٽ جي حصول لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ڇڏي آهي. ڊاڪٽر آڪاش انصاري جا بدين جي هڪ بئنڪ ۾ 4 ڪروڙ 42 لک 57 هزار رپيا جمع ٿيل آهن. هن پنهنجي وڪيل ڀگوانداس معرفت داخل ڪيل درخواست ۾ پنهنجي پاليل پٽ شاهه لطيف، سندس ڌيءُ ميرا ۽ بئنڪ مئنيجر کي ڌر بڻائيندي موقف اختيار ڪيو آهي ته ڊاڪٽر الله بخش آڪاش انصاري جا هو 3 ڄڻا قانوني وارث آهن جڏهن ته آڪاش انصاري جو والد ۽ والده کانئس اڳ انتقال ڪري ويا آهن. الله بخش آڪاش انصاري جو بدين جي قائد اعظم روڊ تي قائم هڪ بئنڪ ۾ اڪائونٽ آهي جنهن ۾ 4 ڪروڙ 42 لک 57 هزار رپين کان وڌيڪ رقم پيل آهي. مڙس جي وفات کانپوءِ هن وارثي سرٽيفڪيٽ لاءِ نادرا سان رجوع ڪيو پر سندس ڌيءُ ميرا اتي حاضر ٿيڻ کان انڪار ڪيو جنهن ڪري هاڻي هن وارثي سرٽيفڪيٽ لاءِ عدالت سان رجوع ڪيو آهي. هن عدالت کي استدعا ڪئي آهي ته ڄاڻايل رقم ۽ ان تي لاڳو ٿيندڙ منافعي جي وارثي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪيو وڃي.
| وارثي درخواست تي آڪاش جي ڌيءُ ميرا اين او سي نه ڏني |
حيدرآباد: ڪيس جي ٻڌڻي سيونٿ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج حيدرآباد جي عدالت ڪري رهي آهي جنهن ۾ شاهه لطيف پاران وارثي جو سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ لاءِ نوآبجيڪشن سرٽيفڪيٽ ڏنو ويو آهي. ڊاڪٽر آڪاش جي ڌيءُ ميرا اڃا تائين نوآبجيڪشن سرٽيفڪيٽ عدالت ۾ جمع نه ڪرايو آهي جڏهن ته سندس پاران اشعر مجيد کوکر ايڊووڪيٽ وڪالت نامو داخل ڪرايو آهي. ڪيس جي ٻڌڻي دوران بيريسٽر جواد احمد قريشي به ڌر بڻايل ميرا انصاري پاران وڪالت نامو داخل ڪرايو جڏهن ته هو پاڻ عدالت ۾ پيش نه ٿي. ان ڪيس جي ٻڌڻي هاڻي 11 ڊسمبر تي ٿيندي.