آڪاش انصاري قتل ڪيس: جوابدار جو وڪيل پيش نه ٿيو

آڪاش انصاري قتل ڪيس: جوابدار جو وڪيل پيش نه ٿيو

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) ناليواري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري قتل ڪيس جي ٻڌڻي 27 جنوري تائين ملتوي ڪئي وئي ماڊل اينڊ ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ تصور علي راجپوت جي عدالت ۾ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جوابدار ڌر جو وڪيل پيش نه ٿيڻ ڪري عدالت ٻڌڻي 27 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي آڪاش انصاري قتل ڪيس ۾ بچاء ۾ پيش ڪيل شاھدن جا اڃا بيان رڪارڊ نه ٿي سگھيا آهن ڪيس جي ٻڌڻي دوران ناليوارو دانشور جامي چانڊيو، ڪبير ڀيل ۽ علم الدين انصاري سميت ٻيا موجود رھيا ايندڙ ٻڌڻي تي آڪاش انصاري قتل ڪيس بابت فيصلو اچڻ جو امڪان آهي ان موقعي تي نامياري دانشور جامي چانڊيو ڳالهائيندي چيو ته آڪاش انصاري جي خون سان انصاف لاء بيٺل آھيون، جوابدار کي سزا ملڻ گھرجي عدالت مان اميد آھي ضرور آڪاش انصاري جي چاھيندڙن کي انصاف ملندو.