آڪاش انصاري ڪيس ملتوي، لطيف انصاري کان آڏي پڇا نه ٿي

آڪاش انصاري ڪيس ملتوي، لطيف انصاري کان آڏي پڇا نه ٿي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) نامياري شاعر ڊاڪٽر آڪاش انصاري قتل ڪيس جي ٻڌڻي 15 ڊسمبر تائين ملتوي ڪئي وئي،  ٻڌڻي دوران فريادي ڌر طرفان قرب علي ـ خادم علي ۽ امجد انصاري وڪيل طارق شاھ سان گڏ پيش ٿيا جوابدار شاھ لطيف کي سينٽرل جيل حيدرآباد مان عدالت آندو ويوڪيس جي ٻڌڻي ماڊل ڪرمنل ٽرائل  ڪورٽ جو جج تصور علي راجپوت ڪري رھيو آھي ڊاڪٽر آڪاش انصاري قتل ڪيس ۾ نامزد جوابدار شاھ لطيف کان آڏي پڇا نه ٿي سگھي، جوابدار طرفان بچاءَ لاءِ گواھ طور ڏنل سندس امڙ حليمان انصاري جو به بيان رڪارڊ نه ٿي سگھيو