آڪاش انقلاب ۽ رومانس کي ڪمال انداز سان پيش ڪيو: اديب/ دانشور

  آڪاش انقلاب ۽ رومانس کي ڪمال انداز سان پيش ڪيو: اديب/ دانشور

عمرڪوٽ (رپورٽ: الياس ٿري) عمرڪوٽ ۾ ھڪ سماجي اداري پاران ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي نالي سان ھڪ ڏينھن جو آڪاش ميلو منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شاگردن نوجوانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. سماجي اداري سي ايس ايس پي پاران منعقد ڪيل آڪاش ميلي ۾ نامياري دانشور جامي چانڊيو سينيٽر پونجومل ڀيل پرو وائيس چانسيلر زرعي يونيورسٽي عمرڪوٽ ڪئمپس پروفيسر ڊاڪٽر جان محمد مري نصير مرزا ڀارومل امراڻي اشوڪ سوٽھڙ آڪاش انصاري جي ڌي ميرا انصاري علم دين انصاري ميرحسن آريسر نور محمد بجير حاجي ساند وائيس چئرمين عمرڪوٽ ضلعي ڪائومسل ميان خالد ولھاري ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. زرعي يونيورسٽي عمرڪوٽ ڪئمپس جي آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيل آڪاش ميلي کي خطاب ڪندي نامياري دانشور جامي چانڊيو چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري انقلاب ۽ رومانس کي پنھنجي ڪمال جي تخيلي انداز سان گڏ گڏ شاعري ۾ بيان ڪيو آھي. ايئن ٻين شاعرن جي شاعري ۾ تمام گھٽ بيان ٿيل آھي،  ضيائي آمريت جبر خلاف ڊاڪٽر آڪاش انصاري اھو پھريون شاعر آھي جنھن جٽادار انداز سان لکيو، ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي شاعري ۾ سنڌ جي مظلوم ۽ محڪوم طبقي جا ڏک درد ۽ پيڙائون بيان ٿيل آھن، جيڪي ان وقت جي حالتن جو واضح اظھار آھن. نوجوان دانشور ميرحسن آريسر خطاب ڪندي چيو ته ڊاڪٽر آڪاش انصاري وطن جي مٽي جي مھڪ جھڙو پويتر ۽ پيارو شاعر آھي جنھن جي سموري زندگي مظلومن جي پاسي بيٺل نظر ايندي ھن انقلاب جا دڳ ڏيکاريا.  پروفيسر نواز ڪنڀر چيو ته ڊاڪٽر آڪاش جي شاعري ۾ فطرت حسين منظر سونھن محفوظ ٿيل آھن. ڀارو مل امراڻي چيو ته آڪاش جي شاعري ۾ ٿر جي مورن کان وٺي محبت جا مختلف منظر بيان ٿيل آھن. آڪاش ميلي جي مختلف سيشنز ويھڪن ۾ ۽ تقريب کي نصير مرزا پروفيسر نواز ڪنڀر نورمحمد بجير ميرا انصاري علم دين انصاري ڊاڪٽر عزيز رحماني ضلعي وائيس چئرمين ميان خالد ولھاري اي سي عمرڪوٽ رجب علي سٺيو ۽ ٻين به خطاب ڪيو.  آڪاش ميلي ۾ ڊاڪٽر آڪاش انصاري جي نالي تي خاص صحافتي مڃتا ايوارڊ الياس ٿري کي ۽ شاعري جو ايوارڊ حاجي ساند کي ڏنو ويو، جڏھن ته ميرحسن آريسر جي تازو ڇپيل ڪتاب ٿر جا منظر ۽ ماڻھو جو مهورت به ڪيو ويو. پروگرام ۾ حليم باغي سائينداد مڱريو سليمان راھمون بنسي مالھي سميت مختلف اديب شاعر ۽ سماجي اڳواڻ شريڪ ٿيا.