| آڪاش ۽ حسن درس سنڌ جا اڻ وسرندڙ ڪردار آھن: جامي چانڊيو |
ميهڙ (ن پ ا) ميھڙ ڀرسان شاھه پنجو سلطان ۾ علمي ادبي سياسي سماجي اڳواڻ مسرور سومرو پاران نالي وارن شاعرن آڪاش انصاري ۽ حسن درس جي ياد ۾ مشاعرو ڪرايو ويو، مشاعري واري تقريب ۾ سنڌ جي نالي واري دانشورن، اديبن، شاعرن، صحافين، جامي چانڊيو، وسعت الله خان، سيد منير شاھه ذاڪري، محمد علي پٺاڻ، امر پيرزادو سميت سنڌ جي مختلف علائقن مان شاعرن اديبن، صحافين وڪيل ۽ سول سوسائٽي سان لاڳاپيل ماڻھن شرڪت ڪئي. مشاعري ۾ سنڌ جي نالي وارن شاعرن امتياز عادل سومرو، رضوي، حزب الله ميھڙائي، اشفاق مگسي، ارشاد ساحل سومرو ء ٻين پنھنجن لفظن ذريعي آڪاش انصاري ۽ حسن درس کي ڀيٽا ڏني ۽ آڪاش ۽ حسن درس جي شاعري سندس ادب ۾ ڪردار تي روشني وڌي. صدارتي خطاب ڪندي نالي واري دانشور جامي چانڊيو چيو ته آڪاش ۽ حسن درس سنڌ جا اڻ وسرندڙ ڪردار آھن، جن پنھنجي شاعري ذريعي وڏا خيال پيش ڪيا ھن شاعري ۾ نيون تشبيهون نوان خيال ڏنا سنڌ آڪاش ۽ حسن کي وساري نه ٿي سگھي. سندن شاعري منفرد آھي، حسن درس سنڌ جو منفرد رومانوي شاعر ھيو جنھن کي سنڌ ياد ڪري پئي حسن سنڌ جو محبوب شاعر ھيو جنھن جي شاعري جو محور سنڌ ھئي ھو اربيلو شاعر ھيو جنھن خيال کي نئين انداز ۾ پيش ڪيو ھن چيو ته آڪاش انصاري پنھنجي شاعري ۾ نوان خيال ۽ تخليق جو نئون انداز پيش ڪيو. آڪاش جي شاعري سنڌ جي شاعرن لاءِ اتساھه بڻيل رھي. ھو تشبيھن، خيال کي انقلابي انداز ۾ پيش ڪيو، ھن وٽ فڪر ھيو ھن جي شاعري ۾ مزاحمت، انقلاب عشق ھيو ھو ھميشه زنده رھندو، ان موقعي تي نالي واري صحافي وسعت الله خان چيو ته ٻھراڙي ۾ پيش ٿيندڙ شاعري مون کي اتساھه بخشيو آھي، سنڌ ثقافتن جو اھڃاڻ آھي جتي ادب جو وڏو ذخيرو موجود آھي، ان موقعي تي ناميارن فنڪارن ساجد سولنگي ، مظھر حسين سولنگي پنھنجي فن جو مظاھرو ڪري آڪاش ۽ حسن جي شاعري تي مشتمل گيت ٻڌائي ماڻھن کي جهومائي ڇڏيو . گيتن دوران ماڻھن ۾ خوشي ۽ آڪاش جي وڇوڙي تي غم جا آثار نظر آيا. ان موقعي تي سنڌ جي مختلف شھرن کان آيل مھمانن ۾ لياقت لقي رضوي، زيد پيرزادو، منير چانڊيو، سيد محمد شاهه، ڊاڪٽر عبدالمجيد ٻليدائي، مير شاهه محمد ٽالپر، عبدالستار چنه سميت ٻين وڏي تعداد ۾ مقامي توڙي ميھڙ تعلقي واسين شرڪت ڪئي.