| آڪسفورڊ مباحثو: پاڪستاني شاگردن ڀارتي پينل کي شڪست ڏئي ڇڏي |
لنڊن (م ڊ) آڪسفورڊ يونين ۾ پاڪ ڀارت مباحثي ۾ پاڪستاني شاگردن زبردست ڪاميابي ماڻي ڀارتي موقف کي وڏي اڪثريت سان شڪست ڏئي ڇڏي، مباحثو ان قرارداد تي ٿيو ته ڀارت جي پاڪستان پاليسي اصل ۾ عوامي جذبن کي ڀڙڪائڻ جي حڪمت عملي آهي، جنهن کي سڪيورٽي پاليسي طور تي پيش ڪيو پيو وڃي، ڀارت شروعاتي طور تي اعليٰ سطح جي مقررن جنرل نروا، ڊاڪٽر سبرامنيم سوامي ۽ سچن پائلٽ کي مباحثي لاءِ نامزد ڪيو هو، پر انهن شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو. جنهن کانپوءِ ڀارت جي سائي ديپڪ، پنڊت ستيش شرما ۽ ديورچن بنرجي تي ٻڌل پينل ميدان تي لاٿو، پاڪستاني نوجوانن موسيٰ هراج، اسرار ڪاڪڙ ۽ احمد نواز خان ڀارتين جا هوش خطا ڪري ڇڏيا، کين بدترين شڪست کي منهن ڏيڻو پئجي ويو.