آڳاٽي خريف ۾ 55 سيڪڙو کوٽ جي اڳڪٿي، اڄ ارسا اجلاس، 91ع ٺاهه بدران ٽه رخي فارمولي هيٺ ورڇ جا امڪان

مارچ 26, 2025

اسلام آباد/سکر (رپورٽ: ايم بي سومرو ۽ ممتاز بخاري) ارسا جي ٽيڪنيڪل ڪاميٽي تربيلا ۽ منگلا جي تر وٺڻ ۽ سنڌ سميت مختلف صوبن ۾ گهربل برساتون نه پوڻ ڪري سوڪهڙي واري صورتحال ۾ پهرين اپريل کان 10 جون تائين آڳاٽي خريف ۾ 55 سيڪڙو پاڻي کوٽ جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي، دريائي وهڪرن کي سامهون رکي سنڌ ۽ پنجاب کي 51 کان 55 سيڪڙو تائين کوٽ سان پاڻي ڏيڻ جي سفارش، چشما کان گڊو تائين پاڻي زيان کي سامهون رکي سنڌ 55 کان 60 سيڪڙو کوٽ برداشت ڪندي، ٽيڪنيڪل ڪاميٽي جي سفارشن آڌار  ارسا جي ايڊوائيزي ڪاميٽي اڄ رٿيل اجلاس ۾ پاڻي ورڇ بابت حتمي فيصلو ڪندي، هيل به پاڻي ورڇ 91ع واري ٺاهه بدران ٽه رخي فارمولي هيٺ ٿيڻ جا امڪان آهن، سنڌ جا عيوضي روايت موجب اجلاس ۾ رڳو اعتراض واريندا، ڪالھه اڱاري ڏينهن ارسا جي ٽيڪنڪل ڪاميٽي جو اجلاس ڊائريڪٽر ريگيوليشن ارسا خالد ادريس رانا جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ صوبن جي ڊائريڪٽر ريگيوليشن، واپڊا جي نمائندن شرڪت ڪئي، ذريعن مطابق ارسا جي ٽيڪنڪل ڪاميٽي خريف سيزن دوران پاڻي جي موجودگي جو جائزو ورتو پر آگسٽ تائين ڊيمن ۾ پاڻي ڪيترو ڀريو ويندو ان بابت فيصلو ايڊوائيزي ڪاميٽي ۾ ٿيڻ ڪري ٽيڪنيڪل ڪاميٽي پاڻي کوٽ جي ڪاٿي کي حتمي صورت نه ڏني آھي. ذريعن موجب ارسا جي ٽيڪنڪل ڪاميٽي پاران لڳايل ڪاٿي تحت گذريل خريف سيزن کان هن خريف سيزن ۾ وڌيڪ پاڻي کوٽ ڊڪليئر ڪرڻ جو چٽو امڪان آھي.ان حوالي سان حتمي فيصلو ارسا جي اڄ اربع ڏينهن ٿيندڙ ايڊوائيزي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ٿيندو، ارسا چيئرمين جي صدارت ۾ ٿيندڙ صلاحڪاري ڪاميٽي جي اجلاس ۾ ارسا ۾ سنڌ جي ميمبر سوڌو چئني صوبن جا ميمبر ، صوبائي آبپاشي سيڪريٽري، واپڊا جا نمائندا شريڪ ٿيندا، جڏهن ته ٽي رخي فارمولي تحت پاڻي ورڇ ٿيڻ جي صورت ۾ بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي صوبن کي کوٽ کان آجو قرار ڏئي سنڌ ۽ پنجاب کي کوٽ ۾ حصي دار قرار ڏنو ويندو.

 

Leave A Comment