ائين پڙھندي سنڌ ۽ ائين وڌندي سنڌ؟

سنڌ حڪومت طرفان 31 مارچ تائين صوبي ۾ اسڪول بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وچ اوڀر ۾ جنگي صورتحال کان پوءِ ٻارڻ جي وڌندڙ قيمتن کي نظر ۾ رکندي هاڻي پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ به تعليمي ادارا بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سنڌ جي سڌ سماءَ کاتي جي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت 16 مارچ کان 31 مارچ تائين تعليمي ادارا بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پر اسڪول بند هجڻ باوجود امتحان وقت تي ٿيندا، جڏهن ته ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ آن لائن ڪلاس ٿيندا. ٻئي پاسي سنڌ جي وزيراعليٰ جي ترجمان چيو ته ڪابينا اسڪولن لاءِ ڊجيٽل نگراني واري نظام جي منظوري ڏيندي “اسٽوڊنٽ اٽينڊنس مانيٽرنگ اينڊ ريڊريس سسٽم” پاليسي منظور ڪري ورتي آهي. ترجمان موجب موبائل ايپ ۽ ڊجيٽل ڊيش بورڊ ذريعي شاگردن جي حاضري ۽ داخلائن جو رڪارڊ رکيو ويندو. نئون نظام شاگردن جي غيرحاضري گهٽائڻ ۽ ڊراپ آئوٽ جي شرح گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. ڪابينا کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڊجيٽل مانيٽرنگ سسٽم هڪ سال اندر سنڌ جي سڀني اسڪولن ۾ لاڳو ڪيو ويندو.

سنڌ جي تعليم بابت فيصلا اڪثر اهڙي انداز سان ڪيا ويندا آهن، ڄڻ تعليم ڪو قومي مستقبل ٺاهڻ وارو شعبو نه، پر انتظامي سھولت جو ڪو معمولي معاملو هجي. ڪالھ سنڌ حڪومت طرفان آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ جنگي ڇڪتاڻ جي پسمنظر ۾ سنڌ جا اسڪول ٻن هفتن لاءِ بند ڪرڻ جو اعلان به اهڙو ئي هڪ فيصلو آهي، جنهن تي سنجيده سوال اٿارڻ لازمي ٿي پيو آهي. جنگ هزارين ميل پري هجي، پر ان جو اثر سنڌ جي ٻارن جي تعليم تي ڇو پوي؟ اهو سوال رڳو والدين يا استاد نه، پر هر باشعور شهري جي ذهن ۾ گونجي رهيو آهي. سنڌ ۾ اڳ ئي تعليم جي حالت ڪا تسلي بخش نه آهي. هتي اڃا تائين اوڻهين صديءَ جو متروڪ نصاب ويهين صديءَ جي مدي خارج تدريسي طريقن سان ايڪويهين صديءَ جي ٻارن کي پڙهايو پيو وڃي. نتيجي ۾ تعليم جو معيار مسلسل زوال پذير آهي. اهڙين حالتن ۾ حڪومت جو نعرو ته، “پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ” صرف هڪ خوبصورت پر بي جان سلوگن لڳي ٿو. جيڪڏهن واقعي سنڌ جي واڌ ويجهه تعليم سان جڙيل آهي ته پوءِ تعليم کي هر بحران ۾ سڀ کان پهرين قربان ڇو ڪيو وڃي ٿو؟

دنيا جي انهن ملڪن تي نظر وجهجي، جتي حقيقت ۾ جنگي حالتون آهن، ته اتي به تعليمي ادارن کي مڪمل طور بند ڪرڻ کي آخري آپشن سمجهيو ويندو آهي. ڪيترن ئي ملڪن ۾ ته جنگ جي دوران به اسڪول کليل رکڻ لاءِ خاص انتظام ڪيا ويندا آهن، ڇو ته انهن کي خبر آهي ته تعليم جو تسلسل ٽٽڻ قومن جي مستقبل کي ڪمزور ڪري ڇڏيندو آهي. پر هتي صورتحال ابتڙ آهي؛ جتي جنگ ناهي، اتي به اسڪول بند ڪرڻ جا فيصلا تيزي سان ڪيا وڃن ٿا. اهڙي پاليسي نه رڳو تعليمي نقصان جو سبب بڻجي ٿي، پر سماج ۾ غير ضروري خوف ۽ هراس پيدا ڪرڻ جي ذمري ۾ به اچي ٿي. سرڪاري موقف موجب، اسڪول بند ڪرڻ جو هڪ سبب پيٽروليم شين جي کوٽ پڻ ٻڌايو ويو. پر حقيقت اها آهي ته خود وفاقي حڪومت جا ذميوار اڳ ئي بيان ڏئي چڪا آهن ته ملڪ وٽ ٽن هفتن لاءِ تيل جو ذخيرو موجود آهي. ان کان علاوه تازو تيل سان ڀريل چار بحري جهاز به بندرگاهه تي پهچي چڪا آهن ۽ ٻيا جهاز پڻ پنڌ ۾ آهن. اهڙي صورتحال ۾ پيٽروليم جي کوٽ جو جواز ڄاڻائي ھڪ ته پيٽروليم شين ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ۽ مٿان وري افراتفري پيدا ڪري پنھنجن ڏاھپ کان وانجھيل فيصلن کي جواز ڏيڻ ھڪ مھم جوئي آهي ۽ سنڌ حڪومت به ان مھم جوئي ۾ شامل ٿي وئي آھي. ڇا اهو رڳو هڪ انتظامي بهانو هو، يا وري عوام کي نفسياتي دٻاءَ ۾ رکڻ جي ڪوشش؟

سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته اسڪول بند ڪرڻ سان پيٽرول جي ڪيتري بچت ٿيندي؟ سنڌ جا اڪثر اسڪول پاڙن ۾، ڳوٺن ۽ محلن جي ويجهو واقع آهن، جتي ٻار پيادل يا معمولي سفري ذريعن سان ايندا ويندا آهن. ڪيترن هنڌن تي ته اسڪول تائين پهچڻ لاءِ ڪنهن به گاڏيءَ جي ضرورت ئي نه پوندي آهي. اهڙي حالت ۾ پيٽرول بچائڻ جو دليل منطقي طور ڪمزور نظر اچي ٿو. جيڪڏهن حڪومت کي واقعي توانائي بچائڻ جي فڪر هجي ها ته شايد ٻين شعبن ۾ اهڙا قدم کنيا وڃن ها، جتي وڏي پيماني تي ٻارڻ خرچ ٿئي ٿو.

افسوسناڪ حقيقت اها به آهي ته سنڌ جي حڪمران جماعت، جيڪا صوبائي سطح تي عوام جي نمائندگي جي دعويٰ ڪري ٿي، وفاق سان اقتداري شراڪتداري نڀائيندي هن فيصلي جو حصو بڻجي وئي. عوام کي اميد هئي ته سنڌ جا حڪمران پنهنجي صوبي جي تعليمي مفادن جو دفاع ڪندا، پر لڳي ٿو ته اقتداري سياست تعليم جهڙي اهم شعبي تي به حاوي ٿي وئي آهي. نتيجي ۾ نقصان وري به سنڌ جي ٻارن ۽ سندن مستقبل کي برداشت ڪرڻو پوندو. تعليم ڪنهن به قوم جي ترقيءَ جو بنيادي ستون هوندي آهي. جيڪڏهن اهو ستون ڪمزور ڪيو وڃي ته ترقي جا سڀ نعرا خالي لفظ بڻجي وڃن ٿا. سنڌ کي اڳ ئي لکين ٻار اسڪول کان ٻاهر هجڻ جي مسئلي کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ته ڪيترن ئي اسڪولن ۾ استاد، سهولتون ۽ بنيادي ڍانچو به ناڪافي آهي. اهڙي پس منظر ۾ تعليمي ادارن کي بنا مضبوط جواز جي بند ڪرڻ، مسئلي کي حل ڪرڻ بدران وڌيڪ ڳنڀير بڻائي ٿو.

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته تعليم بابت فيصلا جذباتي يا سياسي بنيادن تي نه، پر سنجيده تعليمي حڪمت عملي تحت ڪيا وڃن. جيڪڏهن واقعي “پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ” رڳو نعرو نه پر قومي عزم آهي، ته پوءِ هر حال ۾ اسڪول کليل رکڻ، نصاب جديد بڻائڻ ۽ تدريسي طريقن کي دؤرِ حاضر جي تقاضائن مطابق بڻائڻ لازمي هوندو. ٻي صورت ۾ اهڙا فيصلا تاريخ ۾ تعليم سان ناانصافي طور ئي ياد رکيا ويندا.