| ابراهيم حيدري جا 11 مهاڻا ڀارتي نيويءَ هٿان گرفتار |
ملير (رپورٽر) ڪراچي جي سامونڊي پٽي ابراهيم حيدري سان تعلق رکندڙ 11 ماهيگير سمنڊ ۾ مڇي جي شڪار دوران ڀارتي نيوي هٿان گرفتارماهيگيرن کي سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي جي الزام هيٺ ڀارتي سامونڊي فورسز گرفتار ڪري وئي آهي. گرفتار ٿيلن ۾ ماهيگير صفي محمد، ابراهم، غلام مصطفى، سرميربحر، حبيب ٻيلا، سلطان احمد، سوما، سرفراز، مهتاب علي، ظهير، حسين شامل آھن ان سلسلي ۾ ڪوسٽل ميڊيا سيل جي ترجمان ڪمال شاهه صحافين کي ٻڌايو ته گرفتار ٿيل سمورا مهاڻا سامونڊي پٽي واري علائقي ابراهيم حيدري جا رهواسي آهن، جيڪي مڇي جي سيزن گاجر ڪيـري دوران روزگار جي ڳولا ۾ سمنڊ تي ويا هئا ته ڀارتي فورسز کين حراست هيٺ ورتو، گرفتار مهاڻن جي وارثن حڪومتِ پاڪستان کان مطالبو ڪيو آهي ته گرفتار مهاڻن کي آزاد ڪرائڻ لاءِ عملي قدم کڻي ترت انهن جي آزادي کي يقيني بڻائي، هنن چيو ته گرفتار مهاڻن جي گهرن ۾ سندن ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن، هنن انساني حقن جي تنظيمن ۽ فلاحي ادارن کي پڻ اپيل ڪئي ته جيستائين گرفتار مهاڻا آزاد ن ٿا ٿين تيستائين مالي مدد ڪئي وڃي.