اتحادي حڪومت لاءِ آڇون ۽ شرطون: پ پ بلاول لاءِ وزارت عظميٰ گھري ورتي، ن ليگ صدر ۽ سينيٽ چيئرمين جو عهدو ڏيڻ لاءِ تيار

فيبروري 12, 2024

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ+ مانيٽرنگ ڊيسڪ) حڪومت سازي لاءِ ن ليگ ۽ اتحادي پارٽين ۾ جوڙ ٽوڙ ٽئين ڏينهن به جاري رهي، جنهن دوران پاڪستان پيپلزپارٽي بلاول ڀٽو لاءِ وزارت عظميٰ گھري ورتي آهي، جڏهن ته ن ليگ پاران صدر ۽ سينيٽ چيئرمين جو عهدو اتحادين کي ڏيڻ جي آڇ ڪئي وآئي. ان ڏس ۾  ٻئي پاسي ڇنڇر تي مسلم ليگ ن جي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي. ذريعن موجب ڇنڇر تي مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻن جو اجلاس شهباز شريف جي  صدارت هيٺ ٿيو هو جنهن ۾ وفاق ۽ پنجاب ۾ حڪومت سازي جي لاءِ مختلف آپشنن تي غور ڪيو ويو. ذريعن ٻڌايو آهي ته شهباز شريف پنهنجي پارٽي جي ميمبرن کي ٻڌايو ته آصف زرداري ڳالهين جي شروعات ئي بلاول ڀٽو کي وزيراعظم بنائڻ ۽ مرڪز ۾ پورٽ اينڊ شپنگ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو. ذريعن موجب شهباز شريف وڌيڪ ٻڌايو ته ان جي بدلي ۾ آصف زرداري مسلم ليگ(ن) جي پنجاب ۾ حڪومت سازي لاءِ حمايت جي آڇ ڪئي. اليڪشن کان پوءِ پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ ۾ ٻيهر باضابطا رابطو ٿيو. جنهن لاءِ ن ليگ جو وفد آصف علي زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات لاءِ بلاول هائوس لاهور پهچي ويو. مسلم ليگ ن جي وفد ۾ شهباز شريف، احسن اقبال، سعد رفيق راڻا تنوير، اعظم نري، اياز صادق  شامل آهن.  پيپلزپارٽي پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ملاقات دوران مسلم ليگ ن پيپلزپارٽي کان حڪومت سازيءَ لاءِ سهڪار گھري ورتو. جنهن تي پيپلزپارٽي جي وفد چيو ته اڄ اسان جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جو اجلاس آهي، توهان جي آڇ تي سي اي سي ۾ ڳالهائينداسين.  ن ليگ ۽ پ پ جي گڏيل پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ملاقات ۾ ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي سياسي سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته ملڪ کي عدم استحڪام جي سياست کان بچائينداسين. ٻنهي پارٽين پاران چيو ويو ته عوام جي اڪثريت اسان کي مينڊيٽ ڏنو آهي، عوام کي مايوس نه ڪنداسين.  ٻئي پاسي  پيپلز پارٽي جي ترجمان موجب پ پ سينٽرل ڪميٽي جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ طلب ڪيو ويو آهي. ترجمان موجب سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ حڪومت سازي بابت اهم فيصلا ڪيا ويندا. ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ن ليگ، ايم ڪيو ايم سوڌو ٻين جماعتن سان رابطن جو جائزو ورتو ويندو. ترجمان موجب اجلاس زرداري هائوس اسلام آباد ۾ ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ن ليگ شهباز شريف وزير اعظم ۽ مريم نواز جو نالو پنجاب جي وزيراعليٰ طور پنهنجي امڪاني اتحادين سامهون رکندي، پ پ، ايم ڪيو ايم، جمعيت علماءِ اسلام ۽ ٻين جي حمايت وٺڻ جي ڪوشش ڪندي. ذريعن موجب ن ليگ حڪومت سازي بابت پنهنجون تجويزون اتحادين سامهون رکي گڏيل طور فيصلو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي، حتمي فيصلو پ پ سان ڳالهين جي فائنل رائونڊ کانپوءِ ڪيو ويندو. اجلاس ۾ صدر ۽ سينيٽ چيئرمين جا عهدا اتحادين کي ڏيڻ، جڏهن ته قومي ۽ صوبائي اسيمبلي اسپيڪر جا عهدا ن ليگ وٽ رکڻ جون تجويزون سامهون آيون.

Leave A Comment