اتروزيرستان مان حملو ڪندڙ 37 خارجي مارجي ويا

اتروزيرستان مان حملو ڪندڙ 37 خارجي مارجي ويا

اسلام آباد (م ڊ) پاڪ فوج اتر وزيرستان جي غلام خان سيڪٽر ۾ سرحد پار کان دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائيندي 37 خارجين کي جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو . سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ايڪس تي تفصيل جاري ڪندي لکيو ته ” دهشتگردن خلاف آپريشن ”غضب لِلحق“ جاري آهي، 2 ۽ 3 اپريل واري رات اتر وزيرستان جي سرحدي علائقي غلام خان سيڪٽر ۾ سرحدي چوڪي تي افغان طالبان / فتنه الخوارج طرفان حملي جي ڪوشش کي مڪمل طور ناڪام بڻايو ويو، جنهن ۾ کين ڳرو جاني نقصان برداشت ڪرڻو پيو، جن ۾ 37 خارجي مارجي ويا ۽ 80 کان وڌيڪ زخمي ٿيا.