| اتروزيرستان ۾ خارجين خلاف آپريشن، 8 مارجي ويا |
راولپنڊي (م ڊ) اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي دوران فتنته الخوارج جا 8 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب اتر وزيرستان ۾ پاڪ افغان سرحد ڀرسان هڪ گروهه جي چرپر جي اطلاع تي سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪندي آپريشن ڪيو. ڪارروائي دوران فتنہ الخوارج سان لاڳاپيل 8 دهشتگرد مارجي ويا، جڏهن ته مارجي ويل دهشتگردن وٽان هٿيار ۽ بارودي مواد پڻ هٿ ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته مارجي ويل دهشتگرد ڀارتي پراڪسي فتنہ الخوارج سان لاڳاپيل هئا.