| اتروزيرستان ۾ فورسز جون 2 ڌار ڪارروائيون، ڀارتي حامي 7 خارجي مارجي ويا |
وانا(م ڊ) اتر وزيرستان ۾ سڪيورٽي فورسز انٽليجنس بنيادن تي 2 الڳ الڳ ڪارروايون ڪري ڀارتي پراڪسي فتنه الخوارج سان تعلق رکندڙ 7 دهشتگرد ماري ڇڏيا، هٿيار ۽ بارود هٿ ڪيو ويو، آءِ ايس پي آر موجب خوارج جي موجودگي اطلاع تي مير علي جي علائقي ۾ آپريشن ڪيو ويو، فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي موثر انداز ۾ نشانو بڻايو، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 6 خارجي مارجي ويا. پاڪ فوج جي ترجمان موجب اسپين وام جي علائقي ۾ به سڪيورٽي فورسز هڪ وڌيڪ انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي ڪئي، جنهن ۾ هڪ دشتگرد کي ماريو ويو.