| اتر سنڌ جو خطرناڪ مهر-جتوئي تڪرار جو سڀاڻي رٿيل فيصلو ملتوي: ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو |
شڪارپور/چڪ/رستم (نمائندن وٽان) شڪارپور-سکر جي گڏيل ڪچي توڙي پڪي وارن علائقن ۾ ھلندڙ مھر-جتوئي تڪرار رٿيل فيصلو ڪينسل ٿي ويو، ڌرين وچ ۾ هلندڙ خوني تڪرار جي خاتمي لاءِ 30 نومبر تي رٿيل فيصلو نه ٿي سگهندو، ايم اين اي علي گوھر مھر ۽ جتوئي هائوس جي ترجمان رٿيل فيصلو نه ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. اتر سنڌ جو سڀ خطرناڪ مھر-جتوئي خوني تڪرار جو سڀاڻي سرڪٽ هائوس سکر ۾ رٿيل فيصلو ڪينسل ٿي ويو، فيصلو ڪينسل ٿيڻ واري خبر سان علائقي مايوسي ڇائنجي وئي آهي، تڪرار جي 43 خونن جو نبيرو 30 نومبر تي سردار علي گوهر خان مهر جي سربراهي ٿيڻ جي تاريخ مقرر ٿيل هئي، ڪجهه ڏينهن اڳ پنوعاقل ويجهو جنگا مهر مرڻاڻي جتوئي ڌرين وچ فائرنگ ۾ غلام ياسين مهر جي قتل ٿيڻ بعد مهر برادري جي علي گوهر خان مهر پاران فيصلي جي تاريخ ملتوي ڪئي وئي آهي، جنهن بعد جتوئي هائوس شڪارپور جي ترجمان علي حسن جتوئي ۽ مھر هائوس جي ترجمان محبوب علي مهر پاران تصديق ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف مهر -جتوئي تڪرار جي خاتمي لاءِ مقرر ٿيل تاريخ ملتوي ٿيڻ تي علائقي اندر هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو آهي سڄاڻ ڌرين فقير بلند ڪرسي ايم اين سنڌي استاد رحيم داد راهي ۽ ٻين مهر- جتوئي سردارن کي اپيل ڪئي ته مهر- جتوئي ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ مقرر ڪيل تاريخ تي فيصلو ڪري وڌيڪ انساني جانيون ضايع ٿيڻ کان بچايون وڃن، ياد رهي ته مهر جتوئي ڇڪتاڻ لکي غلام شاهه تعلقي اندر 20 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن جڏهن ته غلام ياسين مهر سميت 24 ڄڻا قتل ٿيل آهن ٽوٽل 44 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٻڌايا وڃن ٿا. تڪرار جي خاتمي لاءِ ٻنهي ڌرين جي برادري سردارن ۽ چڱن مڙسن جي مداخلت تي هڪ مهينو اڳ 27 آڪٽوبر جي جهڙيندڙ ڌرين سان رابطو ڪري کائن فائر بندي ڪرائي 30 نومبر تي فيصلي جي تاريخ مقرر ڪئي وئي ھئي، ان حوالي سان ايم اين اي علي گوهر خان مهر جو چوڻ آهي ته اسان ٻنهي ڌرين وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ جو مستقل حل چاهيون، ان ڪري مهينو اڳ جهيڙيندڙ ڌرين جي ماڻهن سان رابطا ڪري فائربند ڪرائي 30 نومبر تي سکر فيصلي تاريخ مقرر ڪئي پر افسوس ٻنهي ڌرين جا ڪجهه شر پسند ماڻهو فائر بندي جي ڀڃڪڙي ڪن ٿا، جنھن ڪري تاريخ ڪينسل ڪئي وئي آھي. هوڏانهن پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي اڳوڻي صوبائي وزير عابد حسين جتوئي چيو ته مهر-جتوئي خوني تڪرار سبب سڄي علائقي جو امن داءُ تي لڳل هو اسين جي پهريان به پوري ڪوشش رهي آهي ڌرين وچ جاري ڇڪتاڻ ختم ٿئي 30 نومبر تي بلڪل سکر ۾ فيصلو رٿيل هيو جنهن جي ڪيسنل ٿيڻ بابت ميڊيا تي هلندڙ خبرون ذريعي خبر پئي آهي، اسان ٻنهي ڌرين سرچاءُ وري سنجيدا ڪوشش وٺي جلد تڪڙي حل طرف وينداسين،هوڏانهن جتوئي هائوس شڪارپور جي ترجمان علي حسن جتوئي جو چوڻ آهي ڌرين پاران فائربندي جي ڀڃڪڙي سبب رٿيل فيصلو فلحال ملتوي ٿيو آهي جلد ٻنهي ڌرين جي سردارن پاران رابطو ڪري نئين تاريخ بابت اعلان ڪيو ويندو.
| مهر-جتوئي تڪرار ۾ 10 مهينن دوران 44 ڄڻا قتل ٿي چڪا |
چڪ: مهر-جتوئي خوني تڪرار سبب هلندڙ سال جي 10 مهينن دوران 44 قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، جهيڙي دوران فائرنگ ۾ هڪ نينگري ٻن عورتن سميت مجموعي طور 79 ماڻهو زخمي آهن. مارجي ويلن ۾ 25 مھر برادري جا ماڻهو ۽ 18 جتوئي برادريءَ مختلف پاڙن سان لاڳاپيل ماڻهو شامل آهن، مارجي ويلن ۾ ھڪ غير واسطيدار واٽھڙو منيب ڀيو به شامل آھي.
| زمين مالڪي تان شروع ٿيل تڪرار جا 7 نبيرا ٿي چڪا |
چڪ: مهر-جتوئي ڌرين ۾ خوني ڇڪتاڻ،رستم لڳ سيري ڳوٺ ڀرسان زمين جي مالڪيءَ تان 1988ع ۾ شروع ٿي، جنهن ٻنهي ڌرين جا سوين ماڻهو مارجي ويا، مختلف موقعن تي ٻنهي ڌرين سردارن پاران 7 نبيرا ٿيا، آخري ڀيري پائيدار فيصلو 2008 ٿيو، جنهن بعد لڳاتار 17 سالن تائين علائقي جو امن امان بحال رهيو هو، 2 سال اڳ سال 2023 ۾ مهر برادريءَ موٽاڻي پاڙي جي ٻن نوجوانن جي اغوا تان ٻنهي ڌرين ڇڪتاڻ وڌي جيڪا اڃا تائين جاري.
فيصلي جي تاريخ ملتوي ٿيڻ بعد هڪ ڀيرو ٻيهر ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو
شڪارپور: تڪراري ڌرين ۾ فيصلي جي تاريخ ملتوي ٿيڻ بعد علائقي اندر هڪ ڀيرو ٻيهر ڇڪتاڻ وڌڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، سڄاڻ ڌرين پاران قبائلي سردارن کي رتوڇاڻ روڪڻ لاءِ نبيري جي تاريخ مقرر ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.ياد رهي ته مهر- جتوئي ڇڪتاڻ ۾ 44 ڄڻا قتل ٿي چڪا آهن.
فيصلي جي تاريخ ڪينسل ٿيڻ وڌيڪ نقصان ڪرائڻ برابر آھي: امير علي جتوئي
رستم: ان حوالي سان جتوئي ھائوس جي ترجمان علي حسن جتوئي پاران به اھڙي تصديق ڪئي وئي ته جتوئي مھر تڪرار جي نبيري لاءِ رکيل تاريخ علي گوھر مھر پاران ڪينسل ڪئي وئي آھي، ٻئي پاسي امير علي جتوئي ٻڌايو ته جتوئي مھر تڪرار جي فيصلي جي تاريخ ڪينسل ٿيڻ وڌيڪ نقصان ڪرائڻ برابر آھي، تنھن ڪري اسان گذارش ڪنداسين ته جھيڙو ختم ڪرايو وڃي، ھوڏانھن احمد الدين مھر ۽ غلام رسول جتوئي چيو ته قبائلي ويڙھ ۾ اصل ذميوارن جي ڪک جو به نقصان نه ٿيو آھي.
خوني تڪرار جو نبيرو نه ٿيڻ سبب علائقي واسين پاران افسوس جو اظهار
رستم: جتوئي-مهر تڪرار جي خاتمي لاءِ رکيل تاريخ ڪينسل ٿي وئي، جنهن سبب علائقي واسين مايوسي جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته جتوئي ۽ مھر ذات سان تعلق رکندڙ ماڻھن ۾ به خوف ڦهلجي ويو ته ذات جي بيان تي نقصان نه ٿي وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته حڪومت ڪردار ادا ڪري ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار ختم ڪرائي.