اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جو حملو، 11 پورهيت مارجي ويا، 2 ڄڻا زخمي

آگسٽ 19, 2023

شوال  (م ڊ) اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب اتر وزيرستان جي علائقي تحصيل شوال ۾ ڌماڪو ٿيو

 دهشتگردن گاڏيءَ کي ڌماڪيدار مواد سان اڏائي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. مارجي ويلن جو تعلق ڏکڻ وزيرستان جي علائقي وانا سان هو

جيڪي سڀ پورهيت هئا. گاڏيءَ ۾ ڪُل 13 ڄڻا ويٺل هئا جن مان 11 ڄڻا مارجي ويا 2 زخمي ٿي پيا. واقعي بعد مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمي اسپتال منتقل ڪيا ويا

Leave A Comment