اتر وزيرستان ۾ دهشتگردن سان وڙهندي سيڪيورٽي اهلڪار شهيد

اپريل 1, 2023

راولپنڊي (م ڊ) اتر وزيرستان جي علائقي مير علي ۾ سيڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ اهلڪار شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب مير علي ۾ دهشتگردن سان جوابي فائرنگ جي نتيجي ۾ سپاهي ارشاد الله شهيد ٿي ويو. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته 29 ورهين جي شهيد سپاهي ارشاد الله جو تعلق ضلعي ڪرڪ سان آهي. آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ سرچ آپريشن ڪري رهيا آهن، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهن.

 

لاڳاپيل پوسٽون

  • گنداخاڀرسان هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل

  • مدئجي ويجهو ٻڏي ويل نينگر جو لاش هٿ

  • وفاقي سرڪار عيد الاضحيٰ جي موڪلن جي منظوري ڏئي ڇڏي

  • سمنڊ ۾ هوا جو گهٽ دٻاءُ ، ڇا پاڪستاني سامونڊي پٽي کي خطرو آهي؟