وانا(پنهنجي ڊيسڪ) عام چونڊن ۾ اتر وزيرستان ۾ عورتن جي ٽن پولنگ اسٽيشنن تي طالبان مبينا طور قبضو ڪري ورتو
ان باري ۾ بي بي سي پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته نيشنل ڊيموڪريٽڪ موومنٽ جي صدر ۽ اتروزيرستان مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 40 تي نامزد اميدوار محسن داوڙ اليڪشن ڪميشن کي درخواست ڪئي
درخواست ۾ چيو ويو ته تڪ جي عورتن جي ٽن پولنگ اسٽيشنن تي طالبان جي قبضي ۽ ووٽرن کي ڌمڪيون ڏيڻ جو نوٽيس ورتو وڃي، تڪ ۾ سيڪورٽي صورتحال بابت مون اڳ ۾ به رٽرننگ آفيسر کي ڪيترائي خط لکيا پر ڪو ڌيان نه ڏنو ويو
هن چيو ته ٽپي واري علائقي ۾ قائم عورتن جي چئن مان ٽن پولنگ اسٽيشنن تي طالبان ووٽنگ واري ڏينهن صبح سوير حملو ڪيو ۽ پولنگ عملو جان بچائي ڀڄي ويو ۽ طالبان پولنگ اسٽيشنن تي قبضو ڪري ورتو