ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) اتر ڪوريا جون 3 سڀ کان وڌيڪ عجيب و غريب نوڪريون جن جي باري ڇا اوهان ڄاڻو ٿا جيڪڏهن نه ته پوءِ اسان اوهان کي ٻڌايون ته اهي ڪهڙيون نوڪريون آهن ۽ انهن پٺيان ڪهڙي ڪهاڻي آهي
1: ٽريفڪ گرل
اتر ڪوريا ۾ ٽريفڪ نظام سنڀالڻ لاءِ خوبصورت عورتن کي ڀرتي ڪيو ويندو آهي جن کي ٽريفڪ گرل چيو ويندو آهي
عورت ٽريفڪ اهلڪارن جي چونڊ اتر ڪوريا جو سربراهه ڪم جونگ ان پاڻ ڪندو آهي ۽ ٽريفڪ گرل ڀرتي ٿيڻ لاءِ ڄمار 16 ورهيه، قد 5 فوٽ 6 انچ ۽ خوبصورتي جهڙا شرط هوندا آهن
اتر ڪوريا ۾ مرد ٽريفڪ اهلڪار اوهان کي گهٽ نظر ايندا جڏهن ته 16 ورهين جي خوبصورت نارين کي ٽريفڪ اهلڪار مقرر ڪيو ويندو آهي ۽ 26ورهين جي ڄمار ۾ انهن کي رٽائر ڪيو ويندو آهي
2: رائيس انسپيڪٽر
رائيس انسپيڪٽر
ڪم جونگ ان جو والد ان کان به وڌيڪ سخت هو هن کي چانور تمام گهڻا پسند هئا ان ڪري هن رائيس انسپيڪٽر ڀرتي ڪيو
رائيس انسپيڪٽر هڪ هڪ داڻو چيڪ ڪري ڏيندو جنهن کانپوءِ ڪم جونگ جو والد اهي چانور کائيندو هو
غلطي سان به چانورن جو هڪ داڻو به خراب پليٽ ۾ نظر اچي وڃي ته ٻئي ڏينهن رائيس انسپيڪٽر کي سخت سزا ڏني ويندي هئي
3: مجسما ساز
اتر ڪوريا ۾ مجسما سازن جي زندگي ڪا سٺي ناهي ڇو ته اهي پنهنجي پوري ڄمار ۾ صرف ٽن ماڻهن جا ئي مجسما ٺاهي سگهن ٿا، هڪ ڪم جونگ ان، ٻيو سندس والد ۽ ٽيون سندس ڏاڏي جو مجسمو ٺاهي سگهن ٿا ان کانسواءِ هنن ڪنهن ٻئي جو مجسمو ٺاهيو ته کيس سزا ٻڌائي ويندي آهي