| اجالا بابت جوڙيل جاچ ٽيم ۾ ردوبدل، ايس ايس پي پاران سرزمين جو معائنو، وارثن سان ملاقات |
ميھڙ (ن پ ا) 7 ڏينھن اڳ پرسرار طور گم ٿي ويل ٻارڙي اجالا پروين سولنگي جو پتو پئجي نه سگھيو گھر ڀاتي ۽ والدين پريشان ۽ بيحال بڻيل آھن 7 ڏينھن بعد ايس ايس پي دادو رٽائر ڪيپٽن صدام حسين خاصخيلي ميھڙ اياز ڪالوني پھتو جتي ھن جاء واردات جو معائنو ڪيو ۽ بعد ۾ ميھڙ ٿاڻي تي پھچي ٻارڙي اجالا پروين سولنگي جي والد شمس الدين سولنگي ، امڙ ۽ ڏاڏي سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي صحافين سان ڳالھائيندي ايس ايس پي دادو چيو ته ٻارڙي وارو واقعو افسوسناڪ آھي اسان پھرين ڏينھن کان ڳولا شروع ڪري ڏني آھي سمورا وسيلا ڪتب آڻي رھيا آھيون ٽيڪنالاجي جو به استعمال ڪري رھيا آھيون جڏھن تہ جوڙيل ٽيم ۾ ردوبدل ڪري ڊي ايس پي ميھڙ گل حسن، ايس ايچ او اي ۽ بي سيڪشن ميھڙ ، ايس ايچ او دادو ، سي آء انچارج دادو ،ليڊي پوليس آفيسر ياسمين سومرو ۽ ٻين ته مشتمل گڏيل جانچ ٽيم جوڙي آھي ڊي آء جي حيدرآباد کان ايس ايڇ او نيڪ محمد کوسو جون خدمتون بہ حاصل ڪيون آھن پوليس سموريون ڪوششون ڪري رھي آھي ته جيئن ٻارڙي جي ڳولا ڪري سگھجي ھن چيو ته ھن وقت تائين ٻارڙي بابت ڪجھ به چئي نه ٿا سگھون جيستائين ڪو سراغ ملي ، پوليس پھرين نيڪال جا نالا ، قبرستان وغيره چيڪ ڪيا پر ڪو به سراغ ناھي مليو جانچ ڪري رھيا آھيون ۽ ٻارڙي جا والدين سان پورو سھڪار آھي انشاءالله جلد ٻارڙي واري معاملي جي تھ تائين پھچنداسين، ٻارڙي جي والد شمس الدين سولنگي چيو ته اسين اسان ايس ايس پي سان ملاقات لاء ميھڙ ٿاڻي تي پھتاسين اڌ ڪلاڪ تائين ٻاھر انتظار ڪندا رھياسين بعد ۾ اسين ٻارڙي جي والدہ ، ڏاڏي ۽ مان ايس ايس پي کي ھٿ جوڙي روئيندي عرض رکيو ته اسان جي معصوم ٻارڙي جي ڳولا ڪري ٻارڙي بازياب ڪرائي ڏيو اسين انتھائي پريشان آھيون ۽ ھن چيو ته اسان کي ايس ايس پي دادو سان ملاقات مان ڪا سٺي موٽ نظر نه آئي آھي وڌيڪ ھو ان ڪيس کي ڏسي سمجھي سگھن ٿا اسين روئيندا واپس گھر وڃون ٿا پر وري به اميد آھي ته ايس ايس پي دادو اسان سان پورو سھڪار ڪري اسان جي ٻارڙي صحيح سلامت بازياب ڪرائي ڏيندو