اجالا لاءِ استادن جي تحريڪ شروع، احتجاجي ڪئمپ قائم، ميهڙ ۾ ڇاپا، گهرن جي تلاشي

اجالا لاءِ استادن جي تحريڪ شروع، احتجاجي ڪئمپ قائم، ميهڙ ۾ ڇاپا، گهرن جي تلاشي

ميھڙ (ن پ ا) ميھڙ جي اياز ڪالوني جي رھواسڻ 6 ورھين جي ٻارڙي اجالا پروين سولنگي جو 13 ڏينھن گذرڻ باوجود به پتو پئجي نه سگهيو، دادو پوليس 13 ڏينھن گذرڻ باوجود به ٻارڙي کي بازياب ڪرائي نه سگھي، ٻارڙي جي بازيابيءَ لاء پ ٽ الف تعلقي ميھڙ جي استادن پاران تحريڪ شروع ڪري ڇڏي، پ ٽ الف تعلقي ميھڙ جي اڳواڻن عبدالصمد ٻگھيو ، لياقت سومرو ، علي شير ڳورڙ ، سيف الله ڏيرو ، طفيل احمد ، جان محمد ، ممتاز چانڊيو ، فياض انصاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نيشنل پريس ڪلب ميھڙ اڳيان احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري ٻارڙي جي بازيابي لاء نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي ھنن نيشنل پريس ڪلب ميھڙ جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته ميھڙ جي پرائمري استاد شمس الدين سولنگي جي معصوم ٻارڙي سينڌل مھيسر پرائمري اسڪول کان موٽندي ئي اغوا ٿي وئي آھي جنھن سبب معصوم ٻارڙي اجالا پروين سولنگيءَ جا والدين انتھائي پريشان بڻيل آھن ھنن چيو تہ ٻارڙي جي اغوا واري واقعي جو آء جي سنڌ نوٽيس ورتو ۽ ايس ايس پي دادو 8 رڪني ڪاميٽي جوڙي ان باجود به سرڪار ۽ دادو پوليس ٻارڙي جي بازيابي لاء ڪو سراغ لڳائي نه سگھي، ٻئي طرف ايس ايس پي دادو رٽائر ڪيپٽن صدام حسين خاصخيلي پاران جوڙيل 8 رڪني ڪاميٽي ۾ مقرر ڪيل پوليس آفيسرن ايس ايڇ اوز محمد ابراھيم سومرو ، مھتاب کھاوڙ ، انسپيڪٽر بينظير جمالي ، ون فاء انچارج امداد سھول ۽ ٻين جي اڳواڻي ليڊيز پوليس سميت پوليس اھلڪارن پاران ميھڙ جي اياز ڪالوني ، سينڌل مھيسر ۽ ٻين ڪالونين پاڙن ۾ بند پيل جڳھين ، گندگي جي نالن ۽ مختلف گھرن جي تلاشي ورتي وڃي پئي پوليس موجب تہ ٻارڙي جي ڳولا ۽ بازيابي لاء ٻارڙي جي والدين سان پورو سھڪار آھي پوليس پاران سمورين ڪوششون ڪتب ۾ آڻي رھي آھي ٽيڪنالاجي جي ذريعي ٽريسنگ پڻ ڪئي وڃي پئي ۽ بند پيل جڳھين ، ڪالوني جي مختلف گھرن ۽ گندگي سان ڀريل نالن ، ڪڪول واهه ۾ پڻ تلاش ڪري رھيا آھيون انشاءالله جلد ٻارڙي جي ڳولا ڪري وارثن جي بيچيني دور ڪئي ويندي