اجتماعي آپگھات يا قتل؟ ننگرپارڪر ويجھو ٽن نوجوانن جا هڪ ئي وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ

اجتماعي آپگھات يا قتل؟ ننگرپارڪر ويجھو ٽن نوجوانن جا هڪ ئي وڻ ۾ ٽنگيل لاش هٿ

ننگرپارڪر (رپورٽ: فيض کوسو) ننگرپارڪر لڳ دل ڌوڏيندڙ واقعو پيش آيو آهي، ڏانو ڌانڌل ويجهو ڪولهي برادري جي ٽن ڄڻن جا هڪ ئي ڪنڊي جي وڻ ۾  ڌار ڌار رسن سان ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيا آهن، ان ڏس ۾ مليل ڄاڻ موجب  ڏانو ڌانڌل لڳ باءِ پاس سوندر روڊ لڳ افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي ٽن ڄڻن جا لاش هڪ ئي ڪنڊي جي وڻ ۾  الڳ الڳ رسن سان ڦاهو کاڌل حالت ۾ هٿ آيا.   مبينا آپگهات  ڪندڙن ۾ 22 ورهين جو ڌنجي ولد پرتاب ڪولهي، 19 ورهين جو گوتم ولد  شنڪر  ڪولهي ۽ 15 ورهين جي جيرام ولد ڀاڳچند ڪولهي شامل آهن. واقعي بابت اطلاع تي ڏانوڌاندل پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيا. ان سلسلي ۾ ايس ايس پي ٿرپارڪر شعيب ميمڻ صحافين کي ٻڌايو ته ابتدائي جاچ ۾ مبينا آپگهات ڪندڙن جي جسم تي تشدد جا نشان نه مليا آهن، جڏهن ته لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، رپورٽ اچڻ کانپوءِ معلوم ٿيندو. جڏهن ته مبينا آپگهات ڪندڙن جي وارثن ۽ دوست کان جاچ ڪئي پئي وڃي. واقعي بابت ڊي ايس پي ڇاڇرو جي اڳواڻي ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي، جيڪا جاچ ڪندي. جڏهن ته تعلقي اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر شاهد جنجهي ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم ۾ شروعاتي رپورٽ ۾ واقعا خودڪشي جا لڳن ٿا، سندن جي جسم ۾ ڪي به ظاهري طور تشدد جا نشان نظر نه آيا آهن، جڏهن ته ٽنگجڻ سبب ڪجهه رت نڪتو هو . مبينا آپگهات ڪندڙ گوتم جي والد شنڪر ٻڌايو ته  پٽ ٻني تي رات جو ويو هو صبح جو سندس لاش ٽنگيل مليو، جڏهن ته اهڙو ڪوبه مسئلو نه هو.  جيرام جي والد ڀاڳچند جو چوڻ هو ته پٽ کي ڪابه پريشاني نه هئي. رات جو ٻني تي ويو صبح جو لاش ٽنگيل مليو .  جڏهن ته ڌنجي جي والد پرتاب جو چوڻ هو ته ڌنجي اسانکي وهنجڻ جو چئي وڃي آپگهات ڪيو. گهر ۾ ڪابه پريشاني نه هئي . جڏهن ته ٽن ڄڻن جي اجتماعي خودڪشي تي علائقي ۾ ڏک واري لهر ڇانيل  آهي سندن گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو . مبينا آپگهات ڪندڙ هڪ ئي پاڙي جا ۽ پاڻ ۾ سڳا سئوٽ ۽ ماسات ٻڌايا پيا وڃن ۽ ٽئي غيرشادي شده هئا .