اجتماعي اغوا وارداتون: رياست ڪٿي آهي؟

گھوٽڪي ضلعي ۾ ڪمون شھيد ويجھو مريد شاخ- گڊو لنڪ روڊ تي هٿياربندن صادق آباد کان ڪوئيٽا ويندڙ ڪوچ مٿان فائرنگ ڪري مسافر ڪوچ جا ٽائر برسٽ ڪري ڇڏيا، ۽ مسافرن کي يرغمال بڻائي ڦرلٽ ڪرڻ بعد 19 مسافرن کي اغوا ڪري کڻي ويا. پوليس طرفان ھيستائين 13 مسافرن کي مقابلو ڪري بازياب ڪرائڻ جي دعوا ڪئي وئي آهي.

سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر دهشت ۽ بيچيني جو منظر سامهون آيو آهي. هٿياربند ڏوهارين سنڌ جي هڪ اهم شاهراهه تي هلندڙ مسافر بس تي حملو ڪري 19 بيگناهه مسافر اغوا ڪري ورتو. هي واقعو رڳو هڪ ڏوهه نه پر رياست جي ڪمزوري، حڪمرانيءَ جي ناڪامي ۽ عوام جي تحفظ بابت سرڪاري دعوائن تي وڏو سوال آهي. جنهن صوبې ۾ شاهراهون به محفوظ نه رهن، اتي عام ماڻهو ڪهڙي آسري تي سفر ڪري؟ سنڌ جون شاهراهون، جيڪي واپار، سفر ۽ سماجي رابطن جو ذريعو آهن، اڄ دهشت جي علامت بڻجي ويون آهن. ڏينهن ڏٺي جو مسافر بس مان ماڻهن کي اغوا ڪرڻ اهو ثابت ڪري ٿو ته ڏوهاري رڳو جهنگن يا ڪچي وارن علائقن تائين محدود ناهن رهيا، پر هاڻي هو کليل نموني رياست کي للڪاري رهيا آهن. اها صورتحال ڪنهن هڪ ضلعي يا هڪ واقعي تائين محدود ناهي، پر سموري سنڌ ۾ ڦهليل آهي.

ڀنگ خاطر اغوا سنڌ ۾ هاڻي هڪ مڪمل ڪاروبار ۽ صنعت جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. ڏوهاري نيٽ ورڪ منظم آهن، جن وٽ جديد هٿيار، رابطن جا ذريعا ۽ سياسي سرپرستي موجود آهي. افسوسناڪ حقيقت اها آهي ته ڪيترائي ڏوهاري سياسي ۽ قبائلي اشرافيا جي ڇانوَ هيٺ پلجي رهيا آهن. جڏهن ڏوهه ۽ سياست جو ڳانڍاپو مضبوط ٿي وڃي ته پوءِ عام ماڻهوءَ لاءِ انصاف ۽ تحفظ رڳو خواب بڻجي وڃي ٿو. سنڌ حڪومت جي سڀ کان وڏي ناڪامي اها آهي ته اھا زميني حقيقت مڃڻ لاءِ تيار ناهي. بيانن، پريس ڪانفرنسن ۽ انگن اکرن سان عوام کي ڀنڀلائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي، پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. سکر ۾ تازو ٿيل “سرينڊر ڊرامو” ان جو کليل مثال آهي، جتي ڏوهارين کي ڄڻ ته سرڪاري سرپرستي هيٺ ريڊ ڪارپيٽ استقبال ڏنو ويو. اهڙا عمل ڏوهارين جي همت وڌائين ٿا ۽ قانون جي بالادستيء کي وڌيڪ ڪمزور ڪن ٿا. جڏهن آءِ جي سنڌ اهو بيان ڏئي ٿو ته 90 سيڪڙو ڌاڙيل ختم ڪيا ويا آهن، ته پوءِ سوال پيدا ٿئي ٿو ته شاهراهه تي بس تي حملو ڪندڙ ۽ 19 مسافر اغوا ڪندڙ ڏوهاري ڪٿان آيا؟ جيڪڏهن اڪثريت ختم ٿي چڪي آهي ته پوءِ هي نوان ڏوهاري ڪهڙي نظام هيٺ پيدا ٿي رهيا آهن؟ ڇا اهي به ساڳئي سرپرستي، ساڳئي لاپرواهي ۽ ساڳئي ناڪام حڪمرانيءَ جو نتيجو ناهن؟

اھا صورتحال، صاف لفظن ۾ چئجي تہ، رياست جي ناڪامي آهي. رياست جو بنيادي فرض آهي ته اھا پنهنجن شهرين جي جان، مال ۽ عزت جي حفاظت ڪري. جيڪا ضمانت آئين ۾ ڏنل آهي. عوام ٽيڪس ادا ڪري ٿو، قانون تي عمل ڪري ٿو ۽ رياست تي ڀروسو رکي ٿو. ان ڀروسې جو جواب جيڪڏهن اغوا، ڦر، دهشت ۽ بي وسي هجي ته پوءِ رياست جي وجود تي ئي سوال اٿن ٿا.

سنڌ جو عوام هاڻي رڳو بيانن ۽ دعوائن سان مطمئن ٿيڻ لاءِ تيار ناهي. کين عملي قدم کپن. ڏوهارين خلاف بي ريا ۽ شفاف ڪارروائي، سياسي ۽ قبيلائي سرپرستن جي نشاندهي ۽ انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ، ۽ پوليس نظام ۾ حقيقي سڌارا اڻٽر آهن. جيڪڏهن حڪمران اڄ به حقيقت کان منهن موڙيندا رهيا ته سڀاڻي حالتون انهن جي ڪنٽرول کان مڪمل طور نڪري سگهن ٿيون. آخر ۾ اهو چوڻ بيجا نه ٿيندو ته سنڌ جي شاهراهه تي اغوا ٿيل 19 مسافر رڳو فرد نه آهن، پر هو سموري سماج جي عدم تحفظ جي علامت آهن. جيڪڏهن رياست اڄ جاڳي نه ته سڀاڻي هر مسافر، هر شهري ۽ هر گهر پاڻ کي غير محفوظ سمجهندو. هاڻي وقت اچي ويو آهي ته لفظن بدران عمل ڳالهائي، نه ته تاريخ هن ناڪامي کي ڪڏهن معاف نه ڪندي.