اجلاس ۾ ڇو وئين؟ بلوچستان حڪومت صوبائي وزير کي هٽائي ڇڏيو

جُون 7, 2023

ڪوئيٽا (پنهنجي ڊيسڪ) بلوچستان حڪومت پاران قومي اقتصادي ڪائونسل اجلاس جو بائيڪاٽ ڪرڻ باوجود شرڪت تي صوبائي وزير کي هٽائي ڇڏيو

صوبائي وزير نور محمد دمڙ کان رٿابندي ۽ ترقيءَ واري وزارت جو قلمدان واپس ورتو ويو آهي، قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ تي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو صوبائي وزير تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو

 وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو چيو هو ته وفاقي سرڪار بلوچستان سرڪار سان ڪيل ڪو به وعدو پورو نه ڪيو آهي ان ڪري قومي اقتصادي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪنداسين، قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس ڪالهه ٿيو هو

لاڳاپيل پوسٽون

  • روس جي سفير پاران موهن جو دڙو جو دورو

  • لاهور واسڻ ناري عدالت پيش

  • ٽائيم نيوز رپورٽر مرتضيٰ نوحاڻي جي گهر حملو

  • ميهڙ: گم ٿي ويل ڳوٺاڻي جو لاش هٿ