اجمل ساوند قتل ڪيس ۾ راڄوڻي ٺاهه جي ڪوشش: ڀاءُ جو انڪار

جُون 14, 2023

ڪنڌڪوٽ(.رپورٽ لياقت علي کوسو ) ڊاڪٽر اجمل ساوند جي ڀاءُ ڊاڪٽر طارق ساوند چيو آهي ته اڃا تائين اجمل جا قاتل ئي گرفتار ناهن ٿيا، مان انهن سان ڇا لاءِ ٺاهه ڪندس؟

ڊاڪٽر طارق ساوند ” پنهنجي ويب“ سان ڳالهائيندي ساوند – سندراڻي تڪرار جي حوالي سان چيو ته اسان جو ان جهيڙي سان ڪو واسطو نه هو منھنجي پروفيسر ڀا کي ناحق شھيد ڪري شعور جو قتل ڪيو ويو  جيڪڏهن ساوند – سندراڻي تڪرار جو نبيرو ڪيو وڃي تو ته مون کي ڪو اعتراض نه آهي

ساوند – سندراڻي برادرين ۾ خوني تڪرار جي خاتمي بابت ميڊيا ۾ آيل خبرن جي سلسلي ۾ شهيد پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند جي ڀاءُ ڊاڪٽر محمد  طارق چيو ته ڪچي واري علائقي ۾ ڪارنهن مسئلي تان عزت سندراڻي ۽ جلال ساوند ڌرين وچ ۾ خوني جهيڙو هلندڙ آهي جنهن ۾ هڪ ساوند ۽ هڪ عورت سميت 5 ڄڻا سندراڻي ڌر جا ماڻهو مارجي ويا آهن جنهن تي اسان کي افسوس آهي

منهنجو ڀاءَ پروفيسر ڊاڪٽر اجمل ساوند کي ناحق قتل ڪيو ويو ان جا قاتل هن وقت تائين به گرفتار نه ٿي سگهيا آهن جنهن تي افسوس ۽ صدمو آهي جيڪڏهن ساوند ۽ سندراڻي ڌرين ۾ ٺاهه ٿئي ٿو ته ڀلي ڳالهه آهي پر اسان جو ڏک الڳ آهي ڀاءُ جي قاتلن سان ٺاهه نه ٿو ڪري سگهان

Leave A Comment