| احتجاج جي نالي تي رياست کي يرغمال بڻايو ويو آهي: مريم نواز |
لاهور (م ڊ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته احتجاج جي نالي تي رياست کي يرغمال بڻايو ويو آهي، ڪجهه ماڻهن مذهب جي نالي تي فتني کي پکيڙيو، فتني جي ڦَڻ چِٿڻ ۾ علماءِ ڪرام جي مدد گهرجي: لاهور ۾ تقريب کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته ڪجهه ماڻهن مذهب جي نالي تي نفرتون پکيڙيون، مذهبي نفرت ۽ ماڻهن کي ورهائڻ خلاف عالم ڪردار ادا ڪن، اسان ظالم مافيا لاءِ پنجاب جي زمين سوڙهي ڪري ڇڏي آهي، ڪنهن فتني کي پکيڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين، رياست شهيدن جي خون جو حساب وٺندي.