احتجاج ڇو ڪيو؟ زرعي يونيورسٽي انتظاميا پاران 10 ملازمن کي نوٽيس

آگسٽ 27, 2023

ٽنڊو ڄام (رپورٽر) زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام ۾ حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ ڏوھه بڻجي ويو، وائيس چانسلر جي هدايتن تي احتجاج ڪندڙن کي نوٽيس جاري ڪيو ويو

سنڌ زرعي يونيورسٽي جي انتظاميا حقن لاءِ احتجاج ڪندڙن 10 کان وڌيڪ ملازمن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

وفا ڪاشف ڀٽو ،سليم چانڊيو ،علي سولنگي الهه بخش خاصخيلي ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا، جنهن جي انهن مذمت ڪئي آهي

اڳواڻن چيو ته ملازمن پنهنجي رهيل ترقين لاءِ احتجاج ڪيو ته يونيورسٽي انتظاميا وائيس چانسلر جي هدايتن تي ملازمن کي نوٽيس جاري ڪيا آهن

يونيورسٽي انتظاميا حقن لاءِ احتجاج ڪرڻ تي مطالبا تسليم ڪرڻ بجاءِ نوٽيس جاري ڪري نا انصافي ڪئي آهي

Leave A Comment